Share this link via
Personality Websites!
کان گهٻرايون ٿيون۔ اها زبان ئي ته آهي جنهن جي غلط استعمال جي ڪري ڪيئي ماڻهو جهنّم (Hell) ۾ داخل ڪيا ويندا، جيئن ته
بُري ڳالھ دوزخ ۾ منهن ڀر ڪرائيندي!
حضرت سيدُنا عُباده بن صامِت رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي الله جا پيارا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڏينهن گھران ٻاهر تشريف فرما ٿيا ۽ سُواري تي سُوار ٿيا ته حضرت سيدُنا مُعاذ بن جَبَل رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْه جن عرض ڪيو: يارَسُولَ الله ڪهڙو عمل سڀ کان افضل آهي؟ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پنهنجي مُبارڪ منهن ڏانهن اشارو ڪري ارشاد فرمايائون: نيڪي جي ڳالھ جي علاوه خاموش رهڻ۔ عرض ڪيو: اسان زبان مان جيڪو ڪجھ ڳالهايون ٿا ان تي الله پاڪ اسان جي پڪڙ فرمائيندو؟ ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان جي ران تي هٿ هڻندي ارشاد فرمايو: اي مُعاذ! زبانن مان نڪتل ئي ماڻهن کي منهن ڀر جهنم ۾ ڪرائيندو۔ ته جيڪو الله ڪريم ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته چڱي ڳالھ ڪري يا بُري ڳالھ کان خاموش رهي۔ (پوءِ ارشاد فرمايائون:) چڱي ڳالھ ڪريو فائدي ۾ رهندوء ۽ بُرين ڳالهين کان خاموش رهو سلامت رهندو۔ (مستدرڪ حاڪم، ڪتاب الادب، قولواخيرا تغنموا۔۔۔الخ ، ۵/ ۴۰۷، حديث:۷۸۴۴، بتغيرقليل)
فضول اور بیکار باتوں کے بدلے
کروں کاش! ہر دم مدینے کی باتیں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سلامت رهڻ جو ڪيترو پيارو نسخو اِرشاد فرمايو ته سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته انسان پنهنجي زبان مان چڱي ڳالھ ڪڍي ۽ بُرين ڳالهين کان بچندو رهي۔ ياد رکو! زبان جو قُفلِ مدينه لڳائڻ ۽ فُضُول گفتگو جي آفتن کان بچڻ ۾ اسان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami