Share this link via
Personality Websites!
وارا جُملا موجود هوندا، جنهن اعمال نامي ۾ مسلمانن جي غيبت، چُغلي ۽ ڪوڙ جهڙا گُناھ موجود هوندا؟ اهو اعمال نامو سڀني جي اڳيان ڪيئن ٻڌائي سگھنديون سين، ڪيئن ماڻهن کان اکيون ملائي سگھنديون سين؟ تنهنڪري اسان کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته گھٽ مان گھٽ گفتگو ڪريون ۽ فضول ڳالهين کان بچندي صرف ڪم جي ڳالھ ڪريون يا چڱي ڳالھ ڪريون ڇوته فُضُول ڳالهيون ڪرڻ ۾ اسان جو نُقصان ئي نُقصان آهي.
حُجَّةُ الاِسلام حضرتِ سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه چار سببن جي ڪري فُضُول ڳالهين جا نُقصان بيان ڪن ٿا: (1) فُضُول ڳالهيون ڪراماً ڪاتِبِين (يعني عمل لکڻ واري ملائڪن) کي لکڻيون پون ٿيون، تنهنڪري انسان کي گھرجي ته ان کان شَرم ڪري ۽ انهن کي فُضُول ڳالهيون لکڻ جي تڪليف نه ڏي۔ (2) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت ۽ برائي ۾ ٻيو سبب بيان ڪن ٿا ته هي ڳالھ سٺي نه آهي جو فضول ڳالهين سان ڀريل اعمال نامو الله ڪريم جي بارگاھ ۾ پيش ٿئي۔ (3) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت جو ٽيو سبب هي آهي ته الله جي درٻار ۾ تمام مخلوق جي اڳيان ٻانهي کي حڪم ٿيندو ته پنهنجو اعمال نامو پڙهي ٻڌاءِ! هاڻي قِيامت جون خوفناڪ سختيون ان جي اڳيان هونديون، انسان بي لباس هوندو، سخت اُڃايل هوندو، بُک جي ڪري چيلھ چٻي ٿي رهي هوندي، جنَّت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو هوندو ۽ هر قسم جي راحت ان تي بند ڪئي وئي هوندي، (غور ڪريو اهڙي تڪليف واري حالتن ۾ فُضُول ڳالهين سان ڀريل اعمال نامو پڙهي ٻڌائڻ ڪيتري قَدَر پريشان ڪندڙ هوندو!) (4) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت جو چوٿون سبب هي آهي ته بروزِ قيامت ٻانهي کي فُضول ڳالهين تي مَلامت ڪئي ويندي ۽ ان کي شرمسار ڪيو ويندو۔ ٻانهي وٽ ان جو ڪو جواب نه هوندو ۽ هو رب تعاليٰ جي سامهون شرم ۽ نَدامت سان پاڻي پاڻي ٿي ويندو۔ (مِنهاجُ العابِدين، ص۶۷)
اي ڪاش!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami