Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اسان جي زبان مان نڪتل هر هر لفظ ملائڪ لکندا آهن۔ ٿورو غور ته ڪريو اسان سڄي ڏينهن ۾ خبر ناهي ڪيتري فضول گفتگو ڪريون ٿيون، خبر ناهي ڪيترن ماڻهن جي غيبت ۽ چغلي ڪنديون آهيون، خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون بريون ڳالهيون پنهنجي زبان مان ڪڍون ٿيون، زبان جي بڪواس سان ڪيترن کي لاجواب ڪنديون آهيون، فضول بحث مُباحَثن ۾ ڪوبه اسان کان کٽي نٿو سگھي پر ڪڏهن اسان اهو به سوچيو ته هنن فضول ڳالهين ۽ بحثن سان دنيا ۾ اسان ماڻهن کي ته خاموش ڪرائي سگھون ٿيون، انهن تي پنهنجي ڌاڪ ته ويهاري سگھون ٿيون پر سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن ميدان محشر قائم ٿيندو، حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام پنهنجي پنهنجي اُمّتن سان گڏ جلوه فرما هوندا، اولياءِ ڪرام ۽ اسان جا اهي مُتعلقين ۽ پيار ڪندڙ به موجود هندا جنهن جي سامهون دنيا ۾ اسان جي عزت هئي اهڙي ۾ سج باھ وَسائي رهيو هوندو، ٽامي (Copper) جي ٽهڪندڙ زمين هوندي ۽ هر هڪ کي پنهنجو اعمال نامو سڀني جي اڳيان پڙهي ٻڌائڻو پوندو۔ جيئن سيپارو 15 سُورهٔ بني اِسرائيل آيت نمبر 13،14 ۾ ارشادِ خُداوندي آهي:
وَ نُخْرِ جُ لَهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ كِتٰبًا یَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا(۱۳)
اِقْرَاْ كِتٰبَكَؕ-كَفٰى بِنَفْسِكَ الْیَوْمَ عَلَیْكَ حَسِیْبًاؕ(۱۴)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اُن جي لاءِ قيامت جي ڏِينهن هڪ لِکيو ڪڍنداسي جنهن کي کُليل ڏِسندو. فرمايو وِيندو ته پڙھ پنهنجو عمل نامو اڄ پنهنجي حساب ڪرڻ جي واسطي تُون پاڻ ڪافي آهين.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿورو سوچيو! بروزِ محشر تمام اَوّلين ۽ آخرين جي موجودگي ۾ پنهنجو اهو اعمال نامو ڪهڙي طرح پڙهي ٻڌائينديون سين؟ جيڪو فُضول گفتگو سان ڀريل هوندو، جيڪو اعمال نامو گارگند ۽ بدڪلامي سان ڀريل هوندو، جنهن ۾ مسلمانن جي باري ۾ دل ٽوڙڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami