Share this link via
Personality Websites!
وڃي، اسان کي هن ڳالھ جو احساس ئي نه آهي ته گوشت جو اهو ننڍڙو ٽڪرو جيڪو ٻن چپن ۽ ٻن ڄاڙين جي پهري ۾ آهي، ڪهڙي طرح اسان جي سڄي وُجُود کي دُنيوي ۽ اُخروي مصيبتن ۾ مبُتلا ڪري سگھي ٿو۔ پر نتيجن (Results) کان بي پرواھ ٿي ڪري، بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڳالهيندي رهڻ اسان جي عادت بڻجي چڪي آهي، ياد رکو! اسان جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ حرف الله ڪريم جا معصوم ملائڪ لکن ٿا جيئن ته سيپارو 26 سُوْرَهٔ قٓ جي آيت نمبر 18 ۾ ارشادِ ربِّ ڪريم آهي:
مَا یَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَدَیْهِ رَقِیْبٌ عَتِیْدٌ(۱۸)
ترجمو ڪنزالايمان: اهو ڪا ڳالهه زبان مان نٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ نگھبان تيار ويٺو آهي۔
حضرت سيدُنا عطاء بن اَبي رَباح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: توهان کان پهريان وارا ماڻهو فُضُول ڪلام ناپسند ڪندا هئا ۽ انهن وٽ قرآن ۽ سُنَّت، نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ ۽ دُنياوي زندگي جي ضرورت جي علاوه هر ڪلام فضول هو، ڇا توهان کي هن ڳالھ جو علم نه آهي ته بيشڪ توهان تي ڪجھ مُعَزّز لکڻ وارا نگهبان آهن جن مان هڪ ساڄي ويٺل آهي ۽ ٻيو کاٻي، ڪا ڳالھ اهو زبان مان ناهي ڪڍندو جو ان وٽ هڪ مُحافظ تيار نه ويٺل هجي۔ ڇا توهان مان ڪو هن ڳالھ کان حياء نٿو ڪري ته جڏهن ان جو اعمال نامو کوليو وڃي ته جنهن کي ان پنهنجي ڏينهن جي اِبتدا ئي ۾ ڀري ڇڏيو هو ته ان ۾ اڪثر اهي ڳالهيون هجن جنهن جو دين ۽ دنيا کان ڪو تعلق نه هجي۔ (احياءالعلوم،۳/۳۴۸) اچو فضول ۽ بيڪار ڳالهين کان بچڻ جي دعا ڪريون ٿا:
میں بے کار باتوں سے بچ کے ہمیشہ کروں تیری حمد و ثنا یاالٰہی
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami