Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب
اچو! شيخِ طريقت، امير اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مَدَني گل“ مان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌو:
٭… مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو ٭… مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ ٭… رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان حد درجه احتياط ڪيو۔٭… کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڀلا ٿيندا ۽ ٻار به آداب سکندو۔ ٭… ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي ٭… جيستائين ٻيو ڳالهائي اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران ٽهڪ ڏيڻ کان بچو ڇوته ٽهڪ لڳائڻ سنت مان ثابت ناهي۔ ڳالهائڻ وقت هميشه ياد رکو ته وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي۔ ٭… ڪنهن سان ڳالهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami