Share this link via
Personality Websites!
٭…حضرت سيدُنا رُبَيع بن خَيثَم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ويھ سالن تائين دُنياوي گفتگو نه ڪئي۔ جڏهن صبح ٿيندي هئي ته مس، ڪاغذ ۽ قلم رکندا هئا ۽ جيڪا گفتگو به ڪندا هئا ان کي لکي وٺندا هئا پوءِ شام جي وقت پنهنجي نفس جو مُحاسبو ڪندا هئا۔ (احياء العلوم،۳/۳۳۸)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اسان جي بُزرگانِ دين وٽ زبان جي ڪيتري قدر اهميت هئي جو اهي نيڪ ماڻهو هر گهڙي ذڪر۽ دُرُود ۾ گذارڻ جي باوجود به فضول ڳالهين کان بچڻ جي لاءِ وات ۾ پٿر (Stone) رکندا هئا ۽ ڪا ڳالھ ڪندا هئا ته ان کي لکي وٺندا هئا ۽ شام جو ان جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندا هئا۔ اڄوڪي دور ۾ ان جي جهلڪ اسان جي شيخ ِطريقت،امير اهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۾ نظر ايندي آهي، پاڻ دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه نه صرف پاڻ انهن بزرگن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ وارا آهن بلڪ سندن فيضِ تربيت سان لکين ماڻهو به راھ هدايت تي گامزن ٿي چڪا آهن۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه اسان کي زبان جي حفاظت جي باري ۾ ڪيئي مَدني اِنعامات عطا ڪيا آهن: مثال طور هڪ مدني انعام ۾ فرمائن ٿا: ڇا اڄ توهان ڪنهن کان اهڙا فضول سوال ته نه ڪيا جن جي ذريعي مسلمان عمومًا ڪوڙ جي ڪبيره گناهه ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. (مثلاً بنا ضرورت جي پڇڻ توهان کي اسان جو کاڌو پسند آيو؟ وغيره) هڪ مدني انعام آهي: ڇا اڄ توهان (گهر يا ٻاهر) ڪنهن تي تهمت ته نه لڳائي؟ ڪنهن جو نالو ته نه بگاڙيو؟ ڪنهن کي گارگند ته نه ڪئي؟ اهڙي طرح هڪ مدني انعام آهي: ڇا اڄ توهان کي ڪوڙ، غيبت، چُغلي، حسد، تڪبر ۽ واعدي خلافي کان بچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي؟ هڪ مدني انعام آهي: ڇا اڄ توهان زبان جو قفل مدينه لڳائيندي فضول گوئي کان بچڻ جي عادت بڻائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه اشاري سان ۽ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڀيرا لکي ڪري گفتگو ڪئي؟
غور ڪريو! بيان ڪيل مدني انعامات مان هر هڪ زبان جي حفاظت جي باري ۾ آهي۔ اسان کي به فُضول گوئي کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ خاموشي جي عادت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami