Share this link via
Personality Websites!
(1)پنهنجي عزت وڃائي ويهندو آهي
اها هڪ حقيقت آهي ته خاموش رهڻ ۾ ندامت ۽ شرمندگي جو امڪان تمام گهٽ آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڳالهائڻ واري شخص کي غلطي ٿيڻ تي ڪيترائي ڀيرا معافي وٺڻي پوندي آهي، ۽ دل ۾ پڇتاءُ ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ان موقعي تي مان اتي نه ڳالهايان ها ته بهتر هو، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳالهائڻ تي سامهون واري سڌي سڌي ٻڌائي چار ماڻهن ۾ ذليل ڪري ڇڏيو جنهن سان منهنجو وقار به خراب ٿيو، ائين فضول گوئي ڪرڻ وارو شخص پنهنجي عزّت وڃائي ويهندو آهي، حضرت سيدنا محمد بن نضر حارثي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه کان مَروِي آهي: وڌيڪ ڳالهائڻ سان وقار يعني رُعب (Dignity) ويندو رهندو آهي ۔ (الموسوعۃ لابن ابي الدنيا،رقم:۵۲،۷/۶۰)
| یاالٰہی! فالتو باتوں کی عادت دُور ہو کاش!لب پرکوئی بھی جاری نہ ہوبے جا کلام |
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
فضول ڳالهيون ڪرڻ جو هڪ نقصان هي به ٿيندو آهي ته اهڙو شخص آخرڪار فحش گفتگو ۽ بي حيائي جون ڳالهيون به ڪرڻ لڳندو آهي جيڪو انتهائي بُرو ڪم آهي ۽ ڪنهن مسلمان کي اهڙي گفتگو ڪرڻ بلڪل جُڳائي نٿي ڇو ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: مومن عيب ڪڍندڙ، لعنت ڪندڙ، فحش ڳالهئيندڙ ۽ بي حيا ناهي هوندو۔ (ترمذي،۳/ ۳۹۳،حديث: ۱۹۸۴) ان مان اهي ماڻهو عبرت حاصل ڪن جيڪي پنهنجي دوستن سان گڏ ويهي خوب بي شرمي ۽ بي حيائي جون ڳالهيون ڪري پنهنجي آخرت برباد ڪن ٿا۔
(3)غيبت ۽ لڙائي جهيڙي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami