Share this link via
Personality Websites!
ڳالهيون ڪندي ڪندي ”گناهن ڀري“ ڳالهين ۾ پئجي وڃڻ جو قَوي اِمڪان رهندو آهي، تنهنڪري خاموشي ۾ئي ڀلائي آهي۔
یا ربّ نہ ضَرورت کے سِوا کچھ کبھی بولوں! اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ
بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حشر پھنسا دے اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”انفرادي ڪوشش “
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! زبان جي حفاظت جو جَذبو ماڻڻ ۽ فُضُول گوئي کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”انفرادي ڪوشش“ به آهي اوهان سڀني اسلامي ڀينرن جي بارگاهه ۾ مدني التجا آهي ته نئين نئين اسلامي ڀينرن تي انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪيو معَلِّمه مبَلِّغه مدرّسه بڻائي ڪري دعوت اسلامي جو مدني ڪم وڌايو. اهي اسلامي ڀينرون جيڪي پهريان اينديون هيون هاڻي نه ٿيون اچن، خا ص طور تي انهن تي انفرادي ڪوشش ڪري انهن کي مدني ماحول سان ٻيهر وابسته ڪيو. شيخ طريقت امير اهلسنت باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دامت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami