Share this link via
Personality Websites!
طور ڪنهن جي ماءُ پيءُ يا رشتيدار جو اوچتو انتقال (Death) ٿي وڃي، يا هلندڙ ڪاروبار اوچتو ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃي يا بند ٿي وڃي، ڳالھ ڳالھ تي گهريلو جهيڙا شروع ٿي وڃن ته ٻانهي تي خاموشي طاري ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان کي جهنم جي عذابن جو تذڪرو ٻڌي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي، خوفِ خدا سان اسان جي دل ڏڪي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي چپن تي به خاموشي طاري ٿي ويندي۔ پر اسان ته ڪنهن گھڙي خاموش نٿيون رهون، هر وقت بغير سوچي سمجهي ڳالهائينديون رهنديون آهيون۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي پياري آقا مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيرت جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام گھٽ گفتگو ڪندا هئا، اڪثر خاموش رهندا هئا جيئن ته حضرت سيدُنا جابر بن سَمُرَه رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام گھڻو خاموش رهندا هئا۔ (مسندامام احمد،مسندالبصريين،حديث جابربن سمرۃ،۷/ ۴۰۴، حديث:۲۰۸۳۶ملتقطا)
حڪيمُ الامت حضرت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: خاموشي مان مُراد دُنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي زبان شريف الله (پاڪ) جي ذڪر ۾ تر رهندي هئي، ماڻهن کان بلاضرورت گفتگو نه ڪندا هئا، هي ذڪر آهي جائز ڪلام جو، ناجائزڪلام ته سڄي عُمر زبان شريف تي آيو ئي نه۔ حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سراپا حق آهن، پوءِ اوهان تائين باطل جي رسائي ڪيئن ٿئي۔ (مرآۃ المناجيح،۸/۸۱)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه صرف پاڻ زبان جي حفاظت ڪندا هئا بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمَّت کي به خاموشي اختيار ڪرڻ جي تمام گھڻي ترغيب ڏياري بلڪ تاڪيد فرمائي آهي، اچو! خاموشي جي فضيلتن تي مشتمل 6فرامينِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو۔ جيئن ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami