Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

مدني ڪم ڪرڻ کان لهرائيندي هئي،ان جا ڀاءُ بارباران کي گهر ۾ درسِ فيضانِ سنت ڏيڻ جي ترغيب ڏياريندا پر هوءَ درس ڏيڻ کان گهٻرائيندي هئي،اهڙي طرح سلسلو هلندو رهيو،هڪ ڏينهن سندن ڀاءُ سنتن ڀري اجتماع کان واپس اچڻ تي”بهيانڪ اُٺ“نالي هڪ رسالو آنڌو،رسالي جو نالو گهڻو دلچسب هو،انهن هن رسالي کي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هنن لفظن کي پڙهيو ”اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ماڻهن پٿر وسايا پر پوءِ به پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دين جي تبليغ فرمائي ۽ ماڻهو اسان تي گل ڇٽين پوءِ به اسان جيءُ چورايون،اسان پکن تي،قالينن تي ويهي به تبليغ دين نه ڪريون“ اهو پڙهي انهن جي دل جي ڪيفيت بدلجي وئي،پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظيم قربانين جي خبر پئي ته بي اختيار ان جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، ان همت ڪري درسِ فيضانِ سنت ڏيڻ جو ارادو ڪري ورتو ۽ جلد ئي پنهنجي گهر ۾ درس ڏيڻ شروع ڪري ڏنو جنهن ۾ محلي جون اسلامي ڀينرون شرڪت ڪنديون،درسِ فيضانِ سنت جي برڪت سان اسلامي ڀينرون عمل جي طرف راغب ٿيڻ لڳيون،ڪرم مٿان ڪرم هي ته ٻين اسلامي ڀينرن به درس ڏيڻ شروع ڪري ڏنو ائين جلد ئي انهن جي علاقي ۾ ٽن جڳهن تي درس فيضان سنت شروع ٿي ويو.بيان ڏيڻ وقت اها اسلامي ڀيڻ عالمي مجلسِ مشاورت ۾ رڪن هجڻ جي حيثيت کان سنتون عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن

مجھ کو ملی ہے عزت عطار کی بدولت

چمکی ہے میری قسمت عطار کی بدولت

 

جيڪڏهن توهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني بهار يا برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهارمڪتب تي جمع ڪرايو 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!جهڙي طرح ماءُ جي دُعا اَولاد جي حق ۾ مقبول آهي اهڙي طرح ان جي بد دُعا به مقبول آهي تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هرگز