Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

عَلَيۡه) کي سردار بڻائي ڇڏيو۔  (حياتِ محدثِ اعظم ، ص۳۰ملخصاً)

پِیر و مُرشِد پر مِرے ماں باپ پر                   ہو   سدا رَحمت اے نانائے حُسَیْن

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ ! اوهان ٻڌو ته! ماءُ جڏهن اَولاد جي حق ۾ دُعا گھرندي آهي ته ان جا ڪهڙا ڪهڙا مبارَڪ اَثَر ظاهر ٿيندا آهن جو ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان هڪ قاصائي نه صرف جنّتي ٿي ويو بلڪ ان کي جنّت ۾ الله پاڪ جي نبي حضرت سيدنا موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو پاڙو عطا ٿيڻ جي خوش خَبَري(Good News) سان به نوازيو ويو جڏهن ته ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان ئي مُحدِّثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه کي دين ۽ دنيا جي سرداري عطا ٿي وئي۔ اهو به معلوم ٿيو ته اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡهم اَجْمَعِين پنهنجي ماءُ جي خدمت گزاري ڪري ان کي راضِي رکي انهن جي دعائن مان حصو ماڻيندا هئا۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به هنن الله وارن جي نَقشِ قدم تي هلندي پنهنجي ماءُ جي خدمت لاءِ تيار رهون ته جيئن اسان به انهن جي اکين جا تارا بڻجي وڃون ۽ اهي خوش ٿي پاڻ اسان جي حق ۾ دُعائون ڪن ته ”ربِّ ڪريم! منهنجي اَولاد کي حافظِ قرآن، قاري قرآن، مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي،عالِمِ باعمل ۽ مفتي دعوتِ اسلامي بڻاءِ، انهن کي ٻنهي جھانن ۾ ڪاميابيون عطا ڪر، انهن کي بِلاحساب ۽ ڪتاب جنّت ۾ داخِل فرماءِ، انهن سان هميشه جي لاءِ راضِي ٿي وڃ“ وغيره۔ ته اچو! اڄ اسان سڀئي نِيت ڪريون ٿا ته پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪندا رهنداسين ، انهن جي نافرماني کان بچنداسين، انهن سان زبان درازي نه ڪنداسين، انهن جي اڳيان هوريان آواز ۽ نگاهون هيٺ رکنداسين، انهن جي خلافِ مزاج ڳالهين ۽ سخت جُملن تي صَبر ڪنداسين، انهن جي ضرورتن کي پُورو ڪنداسين، پنهنجي حَيثِيت مطابِق انهن جي بهتر کان بهتر ڪفالت ڪنداسين، ماءُ پيءُ جي پسند ۽ ناپسند جو خيال رکنداسين، ماءُ پيءُ جي ڏک تڪليف ۾ انهن جو سهارو ٿينداسين، ماءُ پيءُ جي آرام ۾ خلل نه وجھنداسين، رُٺل والِدَين کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، انهن جي کائڻ پيئڻ، رهڻ سهڻ ، دوا ۽ ٻين شين ۾ انهن