Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ته بدنگاهي انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪٿي جو نه ٿي ڇڏي. ان جي سبب سان ٻانهو اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي نافرمانين ۾ وڌي ويندو آهي. هر وقت ان جي دل ۽ دماغ ۾ شيطان سمايل هوندو آهي، عجيب بي سڪوني جو عالم ان تي طاري رهندو آهي، نفساني خواهشات ۽ خيالات ان تي غالب رهندا آهن، نفس جي تسڪين جي لاءِ اهو وڌيڪ هلاڪت وارن گناهن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي مثلًا بدڪاري وغيره کان علاوه پنهنجي هٿن سان پنهنجي جواني برباد ڪرڻ سان به پاسو ناهي ڪندو. بدنگاهي ڪرڻ واري

 کي جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته ڪو غير مرد ان جي ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءُ کي بري نظر سان ڏسي رهيو آهي ته ان جي غيرت کي جوش ايندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ڪري ڏسڻ واري کي اهڙو ذليل ڪندو آهي ڪڏهن مارڻ تي به لهي ايندو آهي، انهيءَ تي بس نه آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته نوبت قتل ۽ لڙائي تائين پهچي ويندي آهي ۽ ڪيئي سالن تائين ٻنهي خاندانن جي دُشمني هلندي رهندي آهي ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضائع ٿي وينديون آهن، ڪيترا ٻار يتيم ٿي ويندا آهن، ڪيتريون ئي عورتون بيوه ٿي وينديون آهن، قيدوبند جون سلاخون ڪيئي ڪيئي سال پنهنجن کان پري ڪري ذِلّت ۽ رُسوائي جي ويراني ۾ ڌڪي ڇڏينديون آهن۔ پر جڏهن اهو خود بدنگاهي ڪري ٿو يا بدڪاري جو ارادو ڪري ٿو ته ان وقت اهو ڇو وساري ويندو آهي جنهن کي اهو ڏسي رهيو آهي يا جنهن کان بُرائي جو ارادو رکي ٿو اها به ڪنهن جي ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيء هوندي۔ اچو! هن باري ۾ هڪ نصيحت آموز حڪايت ٻڌو ۽ عبرت جا مدني گل چونڊيو، جيئن ته

بيباڪ نوجوان جي توبه

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ہميں کيا ہوگيا ہے جي صفحي نمبر5 تي آهي: صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان درٻارِ مصطفيٰ ۾ مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِيدار جي دولت سان فيض ياب ٿي رهيا ها ته هڪ خوبصورت نوجوان بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو جنهن