Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

عمل جي ڪوشش ڪنداسين بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سچي توبه ڪرڻ وقت جي دُعا:

اَللّٰهُمَّ مَغْفِرَتُكَ اَوْسَعُ مِنْ ذُنُوبِي، وَرَحْمَتُكَ اَرْجَى عِنْدِي مِنْ عَمَلِي

ترجمو: اي الله تنهنجو عفو ۽ درگذر منهنجي گناهن کان وڏو آهي ۽ مون کي پنهنجي عمل کان وڌيڪ تنهنجي رحمت جي اميد آهي. (مستدرڪ ،۲/۲۳۸،حديث:۲۰۳۸)

بيان جو خلاصو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوف خدا سان ڏڪندا ۽ ڊڄندا رهندا آهن،

٭خوفِ خدا رکڻ وارا ربِّ ڪريم جا محبوب آهن،

٭خوفِ خدا جهنم کان نجات جو ذريعو آهي،

٭خوفِ خدا رکڻ واري کان هر شيء ڊڄندي آهي،

٭ان جي علاوه اسان ٻڌو ته الله پاڪ توبه ڪرڻ وارن جي توبه قبول فرمائيندو آهي، ربِّ ڪريم ٻانهي جي توبه کان گھڻو خوش ٿيندو آهي۔ الله ڪريم اسان کي به خوفِ خدا جي نعمت ۽ سچي توبه جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي