Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
انسان کي هيٺاهين جي کائي ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي،٭ بُري صحبت بُرائين ۾ اضافي ۽ مُعاشري جي بگاڙ جو سبب بڻجندي آهي،٭ بُري صحبت ڪڏهن ته ايمان جي لاءِ زهرِ قاتل به ثابت ٿيندي آهي۔ تنهنڪري اسان کي ڪنهن جي صحبت ۾ اُٿڻ ويهڻ کان اڳ ۾ سٺي نموني سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي ته ان جي صحبت منهنجي لاءِ مفيد ثابت ٿيندي يا دنيا ۽ آخرت جي لاءِ نقصان ده ٿيندي، جيئن ته
اميرالمومنين حضرت سَيدُنا مولا علي مشڪل ڪشا کرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا: فاجر (سر عام گناھ ڪرڻ واري) سان ڀائپي نه ڪريو ڇوته هو پنهنجي (بُري) فعل کي توهان جي لاءِ سنواري سينگاري پيش ڪندو ۽ اهو چاهيندو ته توهان به ان جهڙا ٿي وڃو ۽ پنهنجي بدترين خَصلَت کي چڱو ڪري ڏيکاريندو، توهان وٽ ان جو اچڻ وڃڻ عيب ۽ شرم جو سبب آهي ۽ پاگل سان به ڀائپي نه ڪريو ڇوته هو پنهنجو پاڻ کي مشقت۾وجھندو۽ توهان کي ڪجھ نفعو نه پهچائيندو ۽ ڪڏهن اهو ٿي سگھي ٿو ته توهان کي نفعو پهچائڻ چاهيندو پر نقصان پهچائي ڇڏيندو، ان جي خاموشي ڳالهائڻ کان بهتر آهي، ان جي دُوري ويجھڙائپ کان بهتر آهي ۽ (ان جو) موت زندگي کان بهتر۔
ڪوڙي شخص سان به ڀائپي نه ڪريو ڇوته ان سان مُعاشرت (ملي جُلي رهڻ) توهان کي نفعو نه ڏيندو، توهان جي ڳالھ ٻين تائين پهچائيندو ۽ ٻين جي توهان وٽ ۽ جيڪڏهن توهان سچ (Truth) ڳالهائيندوء تڏهن به هو سچ نه ڳالهيندو۔ (تاريخ ابن عساڪر،۴۲/۵۱۶)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سٺي صُحبت بهرحال سٺي هوندي آهي ۽ بُري صحبت يقيناً بُري، چڱي صحبت ڪامياب ۽ ڪامران ڪندي آهي ۽ بُري صحبت ٻانهي کي برباد ڪندي آهي ته ان ڪري چڱي صحبت اختيار ڪريو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ