Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا : هن مان مراد عُلَماءِ دِين، اولِياءِ ڪاملين، صالحين ۽ وَاصِلِين جون مجلسون آهن ڇوته اهي مجلسون جنّت جا باغ آهن جيئن ته ٻي حديث شريف ۾ آهي اهي مجلسون چاهي مدرسا هجن يا درسِ قرآن ۽ حديث جون مجلسون يا حضراتِ صوفياءِ ڪرام جي ذِڪر جون محفلون، اهو فرمان نهايت جامع آهي، جنهن مجلس ۾ الله (عَزَّوَجَلَّ) جو خوف، حضور (صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو عشق ۽ اطاعَتِ رسول جو شوق پيدا ٿئي اها مجلس اِڪسير (نهايت فائدي مند) آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ۶/۶۰۳)
بُری صحبتوں سے کَنارہ کَشی کر کے اچھوں کے پاس آ کے پا مدنی ماحول
سَنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ تم اپنائے رکھو سَدا مدنی ماحول
(وسائلِ بخشش ،ص ۶۴۶)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم جي نيڪ ٻانهن جي صحبت جا ڪيئي فائدا (Benefits) آهن۔ مثلاً ٭انهن جي سيرت ۽ ڪردار ۽ چڱا عمل ڏسي گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔٭ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سبب نيڪيون ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي. ٭ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سان دل جي سختي ختم ٿيندي آهي. ٭الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت دل ۾ نرمي پيدا ڪندي آهي،٭الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سان سٺيون عادتون پيدا ٿينديون آهن ۽ ٭ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سان بُريون خصلتون پري ٿينديون آهن۔٭الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت سان ايمان تي خاتمو ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي آهي۔ پر جڏهن به اها سعادت نصيب ٿئي ته ڪنهن دُنياوي غرض سان نه وڃون بلڪ دِيني نفعو حاصل ڪرڻ جي نيت سان وڃڻ گھرجي ڇوته ان جي سٺي صحبت جون وڏيون برڪتون آهن ۽ بُري صحبت جا ڪيئي نقصان (Harm) آهن مثلاً ٭ بُري صحبت جا اثر فوراً ۽ تباھ ڪن هوندا آهن،٭ بُري صحبت نيڪ سيرت ۽ سادڙي