Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
مل گیامجھ کو غوث کا دامن،فضلِ ربِّ کریم سےروشن
مِری تقدیر کا ستارہ ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی
غوث رَنج و اَلَم مِٹاتے ہیں،اُس کو سِینے سے بھی لگاتے ہیں
آ گیا جو بھی غم کا مارا ہے واہ کیا بات غوثِ اعظم کی
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص 577،578)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شهنشاھ بغداد حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه ڪهڙا مشڪل ڪشا ۽ حاجت روا هئا جو هڪ غمگين شخص جي فرياد تي ان جي مرحوم پيءُ جي لاءِ عذابِ قبر کان نجات جي دعا ڪئي ته ان کي عذاب مان رهائي ملي وئي۔ هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته بُزرگن جي بارگاھ ۾ حاضري رحمت نازل ٿيڻ جو سبب هوندي آهي۔ اسان تي جڏهن ڪا پريشاني اچي ته دنيا جي مالدارن ۽ بادشاهن جي در تي مٿو جھڪائڻ، هٿ ڊگھيڙڻ جي بدران الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ گھرجي۔ انهن کان پنهنجي پريشانين جي حل جون دُعائون ڪرائڻ گھرجن ۽ وقت بوقت انهن جي صحبتِ بابرڪت مان به فائدو کڻڻ گھرجي، اهو اسان جي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ بيحد مفيد ثابت ٿيندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ جيئن ته اسان جي آقا ۽ موليٰ، پياري مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن جي ترغيب ڏياريندي ارشاد فرمائن ٿا: ڇا مان توهان جي ان شيء جي اصل تي رَهنُمائي نه ڪريان جنهن سان توهان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي ماڻي وٺو (اها اصل شيء هي آهي ته) توهان ذِڪر وارن جي مجلس اختيار ڪريو ۽ جڏهن توهان تنهائي ۾ هجو ته جيستائين ٿي سگھي پنهنجي زبان الله ڪريم جي ذِڪر ۾ چَوريندا رهو، ان جي راھ ۾ مَحَبَّت ڪريو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ عَداوَت ڪريو۔ (شعب الايمان، باب في مقاربۃ ...الخ، فصل في المصافحۃ...الخ، الحديث ۹۰۲۴،ج۶، ص۴۹۲)