Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
٭اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه مشڪل وقت ۾ پنهنجن مُريدن جي مدد فرمائيندا هئا۔
٭اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه انسانن ۽ جنّات جا به سردار آهن۔
٭اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي دعا سان عذابِ قبر ٽري ويندو هو۔
٭اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي المدد يا غوثِ اعظم يا شيخ عبدالقادر جيلاني چئي پڪارڻ جائز آهي۔
٭اسان جا اسلاف به مشڪل وقت ۾ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کان مدد گھرندا هئا۔
ربِّ ڪريم کان دُعا آهي ته اسان کي شيطاني خيالات کان بچائيندي اولياءِ ڪرام سان محبت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ انهن جي برڪتن کان فيض ياب ڪري۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سینہ تری سنت کا مدینہ بنے آقا جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد