Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

پڪڙڻ ۾ الله پاڪ جي عطا سان تمام گھڻي قوت ايندي آهي ته پوءِ اهي نيڪ ماڻهو مدد به فرمائيندا آهن ۽ پنهنجي پڪارڻ واري جي حاجت روائي به ڪندا آهن ته پوءِ ڪو ياغوث چوي يا خواجه مُعينُ الدِّين چوي يا داتا گنج بخش چوي سڀ جائز آهي۔ هاڻي سائنسدانن کي ڏسو ڪيتري ترقي ڪئي آهي جو سڄي دُنيا ۾ اهڙا آلا (شيون) ايجاد ڪيا آهن جو جتي چاهيو ڳالھ ڪري وٺو، جتي چاهيو جيڪو مرضي ڏسي وٺو ته جڏهن اهو نظام ايترو مضبوط ٿي سگھي ٿو ته هزارين ڪلوميٽر کان آواز ٻڌي به سگھجي ٿو ۽ ٻين کي پنهنجو آواز پهچائي به سگھجي ٿو ته ڇا روحاني ڪنڪشن جي ذريعي الله پاڪ جا ولي، تمام اوليائن جا سردار پنهنجن مريدن جي آواز کي نٿا ٻڌي سگھن؟ ياد رکو! سائنسي ڪنڪشن کي رُوحاني ڪنڪشن سان ڪو برابري نه آهي، رُوحاني ڪنڪشن گھڻو مضبوط (Strong) ۽ پاور فُل آهي، تمام سائنسي آلات غوثِ پاڪ جي قدمن جي خاڪ جي برابر به نٿا ٿي سگھن ته انهن کان وڌيڪ ڪيئن ٿا ٿي سگھن، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اسان کي جيڪو ڪجھ مليو غوثِ پاڪ جي صدقي ۾ مليو ، هي دعوتِ اسلامي انهن جي غلامن، انهن جي نالو وٺڻ وارن ۽ يا غوث چوڻ وارن جو تمام وڏو قافلو آهي۔

میں جہنّم میں نہ اب جاؤں گا  اِنْ  شَآءَ اللہ

رہنما  تم  کو  جو  میں  نے  ہے  بنایا یاغوث

 مجلس مزاراتِ اولياء

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنتن جي خوشبو ڦهلائڻ، ماڻهن جي دلين ۾اولياءِ ڪرام جي محبت جون روشنيون عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. سڄي دنيا ۾ مدني ڪم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ تقريبًا 104 شعبا قائم آهن، انهن مان هڪ