Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

فرمايو آهي ته جڏهن ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچي ته يا زروق چئي ڪري ندا ڪري مان فوراً ان جي مدد ڪندس. ته پاڻ جواب ۾ ارشاد فرمايائون مون ڪڏهن ان قسم جي مدد طلب نه ڪئي. جڏهن به مون استعانت (يعني مدد طلب ڪئي) يا غوث رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ ئي چيو. ”يڪ دَر گيرُ مُحڪم گِير“ (هڪ ئي در پڪڙيو پر مضبوط پڪڙيو) (ملفوظات ِاعلي حضرت حصه سوم، ص ۴۰۰)

      معلوم ٿيو ته اسان جي بُزرگن جو اهو طريقو هو ته پريشاني جي وقت پري هجن يا ويجهو پنهنجي پير ۽ مرشد کي سڏيندا هئا۔ ياد رکو! پري کان ڪنهن جي فرياد کي ٻڌڻ ۽ اتي جي حالات کان باخبر ٿيڻ ڪا اهڙي ڳالھ ناهي جيڪي ٻانهي جي لاءِ ناممڪن هجي هي سڀ الله پاڪ جي عطا سان يقيناً ممڪن بلڪ ثابت به آهي جيئن ته

      حضرت سيِّدُنا ساريه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ ”نهاوند“ جي زمين تي جهاد ۾ مصروف   هئا ته هڪ ڏينهن حضرت سيِّدُنا عمر رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ مسجد نبوي شريف جو منبر تي خطبو پڙهندي اوچتو ارشاد فرمايو؛ يَاسَاريةُ الْجَبَل يعني اي ساريه! جبل ڏانهن پُٺ ڪريو“ مسجد ۾ ويٺل ماڻهو حيران ٿي ويا ته حضرت سيِّدُنا ساريه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ ”نهاوند“ ۾ آهن ۽ مديني منور کان سوين ميل پري آهن، اڄ اَمِيرُ المُؤمِنِين رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ ان کي ڪيئن پڪاريو؟ پر نهاوند کان قاصد آيو ته ميدان جنگ ۾ بدبخت ڪافرن سان مقابلي دوران جڏهن اسان کي شڪست جا آثار نظر اچڻ لڳا ايتري ۾ آواز آيو؛ ”يَاسَاريةُ الجَبَل يعني اي ساريه! جبل ڏانهن پُٺ ڪريو۔“ حضرت سيِّدُنا ساريه رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو؛ هي ته اَمِيرُ المُؤمِنِين جو آواز آهي ۽ پوءِ هڪدم پنهنجي لشڪر کي جبل ڏانهن پُٺ ڪري صف بندي جو حڪم ڏنائون ان کان پوءِ اسان ڪافرن تي زبردست ڪاهه ڪيو ته يڪدم جنگ جو پاسو پلٽجي ويو ۽ ٿوري دير ۾ اسلامي لشڪر بدبخت ڪافرن جي