Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

واقف، ڪرڪيٽ جو شيدائي ۽ ڳائڻ وڄائڻ ۽ فلمن، ڊرامن جو جنون جي حد تائين شوقين هو۔ نامحرم عورتن سان ميلاپ ان وٽ ڪا شرم جي ڳالھ نه هئي، ان جي زندگي ۾ هيئن تبديلي آئي جو خوش قسمتي سان ان کي اسڪول ۾ ڪجھ اهڙن دوستن جي صحبت ملي جيڪي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هئا، سبزسبز عمامي شريف جو تاج سجائي سفيد لباس ۾ ملبوس اهي نهايت سٺا لڳندا هئا، پنهنجي ڪلاس ۾ درس ڏيڻ ۽ درس کان بعد وڏي محبت سان ملاقات ڪري انفرادي ڪوشش جي ذريعي نيڪي جي دعوت ڏيڻ انهن جو روزانو معمول هو، انهن اسلامي ڀائر جي اخلاق ۽ ڪردار سان هو بيحد متاثر ٿيو، ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کان بعد ان کي به درس ڏيڻ جو شوق ٿيو ۽ ان درس ڏيڻ شروع ڪيو۔ آهسته آهسته شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا رسالا پڙهڻ جو معمول بڻجي ويو جنهن جي برڪت سان دل جي دنيا بدلجي وئي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نگاهون جھُڪائي آهسته آٓواز سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻجي وئي، مٿي تي سبز سبز عمامو شريف سجائي سنّتن کي خوب خوب عام ڪرڻ لڳو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين ته پاڻ کي مشڪل وقت ۾ يا غوث،يا غوث المدد، ياشيخ عبدالقادر وغيره الفاظ سان مدد جي لاءِ پڪاريو وڃي ته پاڻ مدد فرمائيندا آهن ۽ اهڙي طرح اولياءِ ڪرام کي پري کان سڏڻ بلڪل جائز آهي ڇوته هي الله پاڪ جا مُقرَّب ٻانها ان جي عطا ڪيل اختيار (Authority) سان ماڻهن جي نه صرف فرياد ٻڌن ٿا بلڪ انهن جي مدد جي لاءِ اچن به ٿا جيئن منهجي آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي عرض ڪيو ويو ته حضرت سَيدنا اَحمدزَرّوق رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ