Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

ڪم آهي ڇوته هن جي برڪت سان مسجد جي حاضري جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان مطالعي جو به موقعو ملندو آهي۔٭مدني درس جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنّت عام ٿيندي آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان اميرِ اهلسنّت جي مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتابن ۽ رسالن مان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّتِ مسلمه تائين پهچائي سگھجن ٿا۔ ٭ مدني درس، بي نمازين کي نمازي بنائڻ ۾ نهايت مددگار آهي۔ ٭ مسجد جي علاوه چوڪ، بازار، دُڪان وغيره ۾ جيڪڏهن ”مدني درس“ ٿيندو ته ان جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي اتي به تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي ۔

دُعائے عطار: ياربِّ محمّد عَزَّوَجَلَّ ۽ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جيڪو اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ روزانو 2 درس ڏين يا ٻڌن انهن کي ۽ مون کي بي حساب بخش ۽ اسان کي اسان جي مَدَني آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڙي ۾ گڏ رک  ۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

جو دے روز دو درسِ فیضانِ سنّت

میں دیتا ہوں اس کو دُعائے مدینہ

اچو! عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ مدني درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن ته

اسڪول ۾ مدني درس ڏيڻ جي برڪت

      مدينةُ الاولياء (ملتان) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي زندگي جون قيمتي گھڙيون فضوليات ۾ برباد ڪري رهيو هو، جنهن جو ان کي ٿورو به احساس نه هو، دِيني معلومات کان اڻ