Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

حضرت غوثُ الاعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي لاءِ تحفو آهي ماڻهن سندن کي ٻڌايو ته پاڻ فرمايائون، اهو کڻي اچو۔ قافلي وارن اسان کي هڪ مڻ ريشمي ڪپڙو، گھڻو سون ۽ اهي ٻه ڪاٺي جون چپلون به پيش ڪيون، جيڪي هڪ مهينو اڳ ۾ پاڻ هوا ۾ اڇلايون هيون، اسان جي پڇڻ تي انهن ٻڌايو ته اسان 3 صفر المظفر بروز آچر هڪ جهنگ ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو ڌاڙيلن اسان تي حملو ڪري ورتو، انهن جا ٻه 2 سردار هئا، اهي اسان جو مال، سامان ڦُري کڻي ويا ۽ ڪجھ مسافرن کي ماري به وڌائون ۽ قافلو ڦرڻ کان بعد قريب ئي هڪ وادي (Valley) ۾ مال پاڻ ۾ ورهائڻ لڳا۔ اسان پڪاري چيو ته جيڪڏهن هن وقت شيخ عبدُالقادر رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه اسان جي مدد ڪن ته اسان ايترو تحفو سندن خدمت ۾ پيش ڪنداسين۔ انهيءَ دوران اسان کي وادي ۾ اهڙا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا جو جنهن سان سڄي وادي گُونجڻ لڳي ۽ اهي ڌاڙيل دهشت زده ٿي ويا اسان جو خيال هو ته ڌاڙيلن تي شايد ٻين ڌاڙيلن حملو ڪيو آهي پر ڪجھ ئي دير کان بعد ڪي ڌاڙيل ڏڪندي  اسان وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا پنهنجو مال واپس کڻو ۽ اتي هلي ڏسو اسان تي ڇا گذري آهي۔ اسان اتي پهتاسين ته ڏٺوسين ته ٻئي سردار مري چڪا آهن ۽ ٻنهي وٽ پُسيل هڪ هڪ چپل پئي آهي، اسان جو مال ۽ سامان موٽائيندي چوڻ لڳا ته هن واقعي ۾ ڪا عظيمُ الشَّان خبر آهي۔  (بهجۃ الاسرار فصول من ڪلامه مر صعابشيئ من عجائب احواله مصطفي البابي مصر، ص۱۳۲)

ہمارا   بھی   بیڑا    لگا  دو    کنارے                            تمہیں     نا     خدائی       ملی    غوثِ     اعظم

تباہی سے ناؤ  ہماری بچادو                             ہوائے مُخالف چلی  غوثِ اعظم

فدا تم  پہ ہوجائے نُوریِ مُضْطر                         یہ ہے اس کی  خواہش دِلی غوثِ اعظم

(سامانِ بخشش،صفحہ۱۰۸)