Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

ان کي مضبوطي سان پڪڙي هنن عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر اختيار ڪريو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن جي برڪت سان اهي رحمتون ملنديون جو مرڻ کان بعد شايد حسرت ٿيندي ته ڪاش! منهنجي سڄي زندگي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ گذري ها۔ ڪاش! مان هر مهيني گھٽ مان گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر کي معمول بڻايان ها، ڪاش! عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ منهنجي سڄي زِندگي سکڻ سيکارڻ ۾ ئي گذري وڃي ها۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي چڱي صحبت اپنائڻ ۽ بُري صحبت کان پري رهڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

لُوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                سیکھنے سُنّتیں قافلے میں چلو

علم حاصل کرو جہل زائل کرو               پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

سُنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے                  ہر مہینے چلیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بعض مشائخ روايت ڪن ٿا ته اسان حضرت سَيدُناشيخ عبدالقادررَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي مدرسي ۾ ويٺل هئاسين ته پاڻ اٿي پنهنجي ڪاٺيءَ (Wooden) جون چپلون پاتيون ۽ وضو ڪري ٻه رڪعت نفل ادا ڪرڻ لڳا، نماز کان بعد بلند آواز ۾ نعرو لڳايو ۽ پنهنجي هڪ چپل پڪڙي هوا ۾ اڇلائي جيڪا اسان جي نگاهن کان غائب ٿي وئي، پوءِ ٻيو نعرو لڳايائون ۽ ٻي چپل به اڇلائي اها به ڏسندي ئي ڏسندي غائب ٿي وئي پوءِ پاڻ پنهنجي جڳھ تي ويهي رهيا۔ اسان مان ڪنهن کي حقيقتِ حال معلوم ڪرڻ جي جرئت نه ٿي۔ 23 ڏينهن گذرڻ کان بعد هڪ قافلو بغداد شريف پهتو ته ان قافلي جو امير چوڻ لڳو، اسان وٽ