سادات کرام کے فضائل

Book Name:سادات کرام کے فضائل

شهر جي هڪ امير شخص وٽ پهتيون جيڪو مسلمان هو، ان هن کي پنهنجي سڄي گذريل حالت ٻُڌائي پر ان نه مڃيو ۽ چيائين: تون اهڙا شاهد آڻ جيڪي تنهنجي بيان جي تَصديق ڪن تڏهن مان تنهنجي جي اِمداد ڪندس، اها عَورت اهو چئي اتان هلي پئي ته مان غَرِيبُ الوَطَن (بي وَطَن) آهيان، گواھ ڪٿان آڻيان؟ پوءِ هوءَ هڪ غيرمسلِم وٽ وئي ۽ ان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائي، پوءِ ان انهن جي ڳالهين کي صحيح سمجھي پنهنجي ڪنهن هڪ عَورت کي موڪليو ته ان کي ۽ انهن جي نياڻين کي منهنجي گھر پهچايو، ان شخص انهن جي عزّت ۽ اِحتِرام ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي۔ جڏهن اڌ رات گزري وئي ته ان مسلمان امير خواب ۾ ڏٺو ته قِيامت قائم ٿي وئي آهي ۽ نَبِي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مٿي مُبارَڪ تي حَمد جو جھنڊو ٻَڌو آهي ۽ هڪ عظيمُ الشّان مَحل وٽ بيٺا آهن، ان امير اڳتي وڌي پڇيائين: يارَسُولَ الله(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! هي مَحل ڪنهن جو آهي؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: هڪ مسلمان مَرْد جي لاءِ آهي، امير چيائين: مان خدا عَزَّوَجَلَّ کي هڪ مڃڻ وارو مُسلمان آهيان، حُضور، سراپا نُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي ٻڌي فرمايائون: توهان هن ڳالھ جا گَواھ آڻيو ته واقعي توهان مُسلمان آهيو۔ هو گھڻو پريشان ٿيو ته حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ان سَيده عَوْرت جي ڳالھ ياد ڏياري جنهن کان ان گَواھ گھريا هئا۔ هي ٻڌندي ئي ان کي غمن اچي وڪوڙيو، هو ان سَيده عَورت ۽ انهن جي ننڍڙين جي ڳولها ۾ نڪتو، ڳولهيندي ڳولهيندي ان غيرمسلم جي گھر وڃي پهتو ۽ ان کي چيائين ته سَيدزادي ۽ ان جي ٻارڙين کي مون کي ڏيو پر ان اِنڪار