Book Name:سادات کرام کے فضائل
اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بِلال محّمد اِلياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه کان سُوال ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي سَيد هئڻ جو ثُبوت نه هجي ته ڇا ان جي به تعظيم ڪئي ويندي؟ پاڻ اِرشاد فرمايائون: تعظيم جي لاءِ نه يقين دَرڪار آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص سَنَد جي حاجَت، ان ڪري جيڪي ماڻهو سيد سڏرائن ٿا، انهن جي تعظيم ڪرڻ گھرجي، انهن جي حَسَب ۽ نَسَب جي تحقيق ۾ پوڻ جي حاجت نه آهي ۽ نه ئي اسان کي ان جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان ساداتِ ڪرام کان سَيد هئڻ جي سَنَد طَلَب ڪرڻ ۽ نه ملڻ تي بُرو ڀلو چوڻ واري شخص جي باري ۾ سوال ٿيو ته پاڻ جواب ۾ اِرشاد فرمايائون: فقير ڪيئي ڀيرا فتويٰ ڏئي چڪو آهي ته ڪنهن کي سَيد سمجھڻ ۽ ان جي تعظيم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ذاتي عِلم سان ان کي سَيد ڄاڻڻ ضروري نه آهي، جيڪي ماڻهو سَيد چورايا وڃن ٿا، اسان انهن جي تعظيم ڪنداسين، اسان کي تحقيقات (Investigation) جي حاجت نه آهي، نه سيد جي سَنَد گُھرڻ جو اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ (زبردستي) سَنَد ڏيکارڻ تي مَجبور ڪرڻ ۽ نه ڏيکارين ته بُرو چوڻ، مَطعُون (بدنام) ڪرڻ هرگز جائز نه آهي۔ اَلنَّاسُ اُمَنَاءُ عَلٰي اَنْسَابِھِم (ماڻهو پنهنجي نَسَب تي اَمين آهن)۔ ها! جنهن جي نِسْبت اسان کي خُوب تحقيق سان مَعلوم هجي ته هي سَيد نه آهي ۽ اهو سَيد بڻجي (ته) ان جي اسان تعظيم نه ڪنداسين، نه ان کي سَيد چونداسين ۽ مُناسِب ٿيندو ته ناواقفن کي ان جي فَريب (ڌوکي) کان باخبر