Book Name:سادات کرام کے فضائل
٭ حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡھَهُ الۡکَرِیۡم فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ته اُهو ڏاٺ ۽ ڪن جي بيماري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندو۔([1]) ]9[ نڇ ڏيڻ واري کي گهرجي ته ڏاڍيان حمد ڪري ته جيئن ڪو ٻڌي ۽ جواب ڏي۔ (ردالمحتار ج 9 ص 684) ]10[ نڇ جو جواب هڪ دفعو واجب آهي، ٻيو ڀيرو نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چوي ته ٻيهر جواب واجب ناهي بلڪ مستحب آهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 326) ]11[ جواب اُن صورت ۾ واجب ٿيندو جڏهن نڇ ڏيڻ وارو اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چوي ۽ جيڪڏهن حمد نه ڪري ته جواب ناهي۔ (بهار شريعت، جلد 3 ص 477) ]12[ خطبي جي وقت ڪنهن کي نڇ اچي ته ٻڌڻ وارو اُن جو جواب نه ڏي۔ (فتاوي قاضي خان ج 2 ص 377)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي.
|
تم مَدَنی قافِلوں میں اے اسلامی بھائیو! |
|
کرتے رہو ہمیشہ سَفَر خُوشْدِلی کے ساتھ |
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد