Book Name:سادات کرام کے فضائل
آهي جو بَدبخت انهن کي اَذِيت ڏي ٿو ته حقيقت ۾ اهو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تڪليف پهچائي ٿو ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضي وٺندو آهي ۽ ائين هو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لُطف ۽ ڪرم سان مَحروم ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان تمام مسلمانن بالخُصوص ساداتِ ڪرام جو اَدَب ڪريون، انهن کي اَذِيت ڏيڻ کان بچندا رهون ۽ هي مَدَني سوچ ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي، انهي شعبن ۾ هڪ شعبو مڪتبة المدينه به آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ۱۴۰۶ھ بمطابق 1986ء ۾ فرمايو ۽ سڀ کان پهريان بيانن جون آڊيو ڪيسيٽون جاري ڪيون ويون. اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه ان مختصر عرصي ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، هن مُختَصَر عرصي ۾ مڪتبة المدينه تان جتي سُنّتن ڀريا بيان ۽ ميموري ڪارڊز سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، اتي سَرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ،اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلْمَدِينَة الْعِلْمِية جا ڪتاب به ڇپجي لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنتن جا گُل مهڪائي رهيا آهن. اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه جا 45ذيلي شعبا قائم ٿي چڪا آهن۔
|
اللہ کرم ایسا کرے تُجھ پہ جہاں میں |
|
اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو! |
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ رَبِيعُ الاَوَّل جو نُوراني مهينو پنهنجون بَرَڪتون لُٽائي رهيو آهي ۽ پنهنجي اِختِتَام ڏانهن وڃي رهيو آهي۔ ان کان