سادات کرام کے فضائل

Book Name:سادات کرام کے فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ڪامِل مُسَلمان هئڻ جي لاءِ مَحَبَّتِ رَسول جو هئڻ ايتري قدر لازِم ۽ ضروري آهي جو نبي ڪريم،رَءُوْفٌ رَّحِيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرْشاد فرمايائون؛ توهان مان ڪو ان وقت تائين (ڪامل) مؤمِن نٿو ٿي سگھي جيستائين مان ان جي ويجھو ان جي والِد، اَولاد ۽ تَمام ماڻهن کان وڌيڪ مَحبُوب نه ٿيان۔( بخاري،ڪتاب الايمان ، باب حب الرسول... الخ،۱/۱۷،حديث:۱۵)

مَحَبَّتِ رَسُول جي تقاضا آهي ته اسان ساداتِ ڪرام سان به مَحَبَّت ۽ عقيدت رکون ڇو ته سيد سڳورن جي تَوهين ۽ گستاخي ڪري، انهن سان دُشمني رکي يا ڪنهن به طريقي سان انهن جي بي اَدَبي ڪري ته يقيناً اهڙو شخص پنهنجي هن مَحَبَّتِ رسول جي دعوي ۾ ڪوڙو آهي ۽ پنهنجي ان عمل سان نه رڳو انهن کي بلڪ انهن جي جَدِّ امجد، مٺي مڪي مَدَني محمد
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي به ناراض ڪري ٿو ۽ اُنهن کي اَذِيت پهچائي ٿو، جيئن

حضرت سَيدُناشَيخ ابُوالمَواهب شاذِلي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: جو شخص نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِيارت ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي گھرجي ته ڏينهن هجي يا رات حُضُور سَيدِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪثرت سان ذِڪر ڪندو رهي ۽ سادات ۽ اَولِياءِ ڪرام رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين سان مَحَبَّت رکي نه ته خَواب (۾ زِيارت) جو دَروازو ان تي بند آهي، ڇوته اهي نُفوسِ قُدْسِيه تمام ماڻهن جا سَردار آهن، اهي جن کان ناراض ٿيند آهن، الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جا پيارا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به اُن کان ناراض ٿي ويندا آهن۔(افضل الصلوات علي سيد السادات ،ص۱۲۷)

اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسنّت مَوْلانا شاھ اِمام اَحمد رَضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: ساداتِ ڪرام جي تعظيم(Respect) فَرْض آهي ۽ انهن جي تَوهين حرام، بلڪه عالم سڳورن اِرشاد فرمايو: جيڪو ڪنهن عالِم کي (مَولَوِيا) يا ڪنهن مِير (سَيد) کي مِيروا بَروَجه تَحقِير (يعني حَقارت سان) چئي ڪافِر آهي۔

 (فتاويٰ رضويه،۲۲/۴۲۰)