سادات کرام کے فضائل

Book Name:سادات کرام کے فضائل

ڪري ڇڏيائين ۽ چيائين: مون انهن جي سبب عظيم بَرَڪتون ماڻيون آهن، امير چيائين: مون کان هزار(1000)دِينار(يعني سون جا سڪا) وٺي وٺو ۽ انهن کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو پر پوءِ به اِنڪار ڪيائين۔ تڏهن ان امير جي دل ۾ ان کي (يعني سَيد سڳوريءَ کي) تنگ ڪرڻ جو خيال آيو۔ هو غير مسلم ان جي بُري نِيت ڏسي چيائين: جنهن کي توهان وٺڻ آيا آهيو، مان ان جو توهان کان وڌيڪ حقدار آهيان ۽ تو خواب ۾ جيڪو محلّ ڏٺو آهي اهو منهنجي لاءِ بڻايو ويو آهي، ڇا توکي پنهنجي مسلمان هئڻ تي فَخر آهي؟خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مان ۽ منهنجي گھروارا ان وَقت تائين نه سُتا سين جيستائين جو اسان سڀئي ان سَيد سڳوريءَ جي هٿ تي اِسلام نه قبول ڪيو، مان به تون وانگر خواب ۾ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِيارَت ڪئي آهي ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي فرمايائون: ڇا سَيدزادي ۽ ان جون نياڻيون تون وٽ آهن؟ مون عَرْض ڪيو: جي ها! يارَسُولَ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: هي محلّ تو ۽ تنهنجي گھروارن جي لاءِ آهي۔ مسلمان امير اها ڳالھ ٻڌندي ئي واپَس موٽي ويو ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مايوسي وچان واپَس موٽيو هوندو۔(مکاشفة القلوب،ص۴۷۱-۴۷۲ ملخصاً)

مِرے سب عزیز چُھوٹیں مِرے دوست بھی گو رُوٹھیں

 

شہا تُم نہ رُوٹھ جانا مَدَنی مدینے والے

میں اگرچِہ ہوں کمینہ تِرا ہوں شہِ مدینہ

تیری جبکہ دِید ہو گی جبھی میری عیدھوگی

 

مجھے قدموں سے لگانا مَدَنی مدینے والے

میری   خواب   میں   تو      آنا  مدنی    مدینے  والے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۲۴)