Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته رَبُّ العٰلَمِين عَزَّ وَجَلَّ کي پنهنجي مَدَني حبيب صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن نالي مبارڪ جو ادب ڪيتري قَدَر عزيز آهي جو ان پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پنهنجن ٻانهن کي رسول اڪرم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن مبارڪ نالي جي ادب ڪرڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به هن فرمانِ خُداوَندي ۽ مُفَسِّرِنِ سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي اِرشادن تي عمل ڪندي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پُڪارڻ وقت ادب ۽ تَعظِيم جو لحاظ ڪندي هميشه صِفاتي نالن مثال طور يارَسُولَ الله، ياحَبِيبَ الله وغيره اِستِعمال ڪرڻ جي عادت بڻايون۔ ائين ته پاڻ صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سمورا نالا ئي يقيناً لائقِ ادب ۽ تَعظِيم ۽ خُدا عَزَّ وَجَلَّ جا مَحبوب آهن پر انهن مان نالي ”اَحْمَد“ ۽ ناليِ” مُحَمَّد“ جو شان سڀ کان جُدا (Unique) آهي ڇوته هي ٻه اهڙا مُبَارَڪ نالا آهن جيڪي الله عَزَّ وَجَلَّ      کي  تمام گھڻا مَحبوب آهن، جيئن ته

الله عَزَّ وَجَلَّ جا مَحبوب نالا

صَدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مَولانا مُفتي محمد امجد علي اَعظَمِي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حُضُورِ اَڪرم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نالا مبارڪ ”محمد“ ۽ ”احمد“ آهن ۽ ظاهر اهوئي آهي ته اهي ٻئي نالا خود الله تعاليٰ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ منتخب فرمايا، جيڪڏهن اهي ٻئي نالا خدا (عَزَّوَجَلّ ) وٽ وڌيڪ پيارا نه هجن ها ته پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ پسند نه فرمائي ها ۔ (بهار شريعت ،حِصّه۱۶،۳/ ۶۰۱) وري انهن ٻنهي مان  مُحَمَّد