Share this link via
Personality Websites!
آنکھوں کا تارا نامِ مُحمد دِل کا اُجالا نامِ مُحمد
اللہُ اَکْبَر رَبُّ الْعُلا نے ہر شے پہ لِکھا نامِ مُحمد
ہیں یُوں تو کَثْرت سے نام لیکن سب سے ہے پیارا نامِ مُحمد
صَلِّ عَلٰی کا سہرا سجا کر دُولہا بنایا نامِ مُحمد
(قبالۂ بخشش،ص۷۳)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته نالي”مُحَمَّد“ به ڪيتري عظمت ۽ شان وارو آهي جو جنهن خُوش نصيب جو نالو ”مُحَمَّد“ رکيو وڃي ته هي نالو ان کي به شان ۽ شوڪت وارو ۽ تَعظِيم ۽ تَوقِير جو حقدار بڻائيندو آهي تنهنڪري بِالعُمُوم سڀئي ۽ بِالخُصُوص جنهن جو نالو ”مُحَمَّد“ هجي انهن جي تمام گهڻي تَعظِيم ۽ تَوقِير ڪريو۔ ياد رهي! ادب جو هي انداز اسان کي انهيءَ وقت سمجھ ۾ اچي سگھي ٿو جڏهن اسان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حقيقي مَعنيٰ ۾ ادب ۽ اِحتِرَام ڪنداسين ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ادب ۽ اِحتِرَام ڪرڻ اسان سڀني تي ضروري آهي جيئن صَدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَّرِيقه حضرت علّامه مَولانا مُفتي محمد اَمجد علي اَعظَميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: نَبِي جي تَعظِيم فَرضِ عَين بلڪ سڀني فرضن جي اَصل آهي۔ ڪنهن نَبِي جي اَدنيٰ(ٿورڙي) تَوهين يا تَڪذِيب، ڪفر آهي۔(بهارِ شريعت،حِصَّه اوّل، ۱/۴۷) اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ اسان جو پِيارو پَروَردگار عَزَّ وَجَلَّ به پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پنهنجن ٻانهن کي حَبيبِ مُڪرَّم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تَعظِيم ۽ تَوقِير ڪرڻ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami