Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته مشهور عاشقِ رَسول بادشاه سُلطان مَحمود غَزنَوِي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جو پنهنجي آقا ۽ مَوليٰ،اَحمدِ مجتبيٰ، حَبيبِ ڪبْرِيا صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عشق ۽ مَحَبَّت جو اِظهار ڪرڻ جو انداز به ڪيتري قَدَر ساراھ لائق هو۔ بيشڪ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه عشقِ حبيب ۾ فَنَا ٿي چُڪا هئا تڏهن ته تمام رَسولن جي سَردار، مَحبوبِ غَفَّار صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ نالي سان نِسبَت سَبَب ادب ڪندي بي وُضُو نالو ”مُحَمَّد“ پنهنجي زبان تي نه آڻيندا هئا، جيتوڻيڪ بي وُضُو نالو ”مُحَمَّد“ وٺڻ شرعاً جائز آهي پر انهن جو عشق اُنهن کي هن ڳالھ جي اِجازت نه ڏيندو هو، بالفرض ڪڏهن اهڙي صُورتِ حال پيش ايندي هئي جو نالو ”مُحَمَّد“ وٺڻ بغير چارو نه هجي ۽ ان وَقت هي بي وُضُو هوندا هئا ته ادب طور ٻيو ڪو مناسِب نالو استعمال ڪندا هئا۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ ”مُحَمَّد“جي نالي جي ادب ڪرڻ جو صَدَقو آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهن باادب هستين جي شُهرت ۽ عظمت جي هاڪ چئني پاسي آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به انهن عاشقانِ رَسُول جي نَقشِ قَدم تي هلندي نالي ”مُحَمَّد“ جي نسبت سان جن مسلمانن جو نالو مُحَمَّدهجي انهن جو به ادب ڪرڻ جي عادت بڻايون جو اَحاديثِ مُبَارَڪه ۾ انهن سان حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ جو حڪم اِرشاد ٿيو آهي جيئن

اَمِيرُ المُؤمنين حضرت سَيدُنا عَلِي المُرتَضيٰکَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰى وَجْهَهُ الْکَرِيْم کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رؤف رّحيم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو؛ جڏهن توهان (پنهنجي) پٽ جو نالو محمد رکو ته ان جي عزّت ڪيو ۽ مجلس ۾ ان جي لاءِ جڳھ ڪشادي ڪيو ۽ ان ڏانهن برائي جي نسبت نه ڪريو۔ (الجامع الصغير ص 49 حديث؛ 706) هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي ته رسول الله صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو؛ جڏهن ٻار جو نالو محمد رکو ته ان کي نه ماريو ۽ نه ئي محروم ڪيو۔   (مسند البزار،مسند ابي برزه الاسلمي، ۹/۳۲۷، حديث: ۳۸۸۳)