Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

اسلام جي سربُلَندي ۽ اِعلاءِ ڪلِمَةُ الله (يعني الله عَزَّوَجَلَ جو نالو بُلند ڪرڻ) جي لاءِ بيشمار جنگون وڙهيون ۽ ڪامياب ٿيا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه شُجاعت ۽ بهادري سان گڏوگڏ عشقِ رسول جي عَظِيم مَنصَب تي به فائز هئا ۔

 پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي فرمانبردار غلام اياز جو هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو محمد هو۔ حضرت محمود غزنوي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جڏهن به ان ڇوڪري کي سڏيندا ها ته ان کي نالي سان پڪاريندا ها، هڪ ڏينهن معمول جي خلاف ان کي اي  ايازجا پٽ! چئي مُخاطب ڪيو۔ اياز کي گمان ٿيو ته شايد بادشاھ اڄ ناراض آهي، ان ڪري منهنجي پٽ کي نالو وٺي ناهي سڏيو، اهو سندن دَرٻار ۾ حاضِر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: حُضُور! ڇا منهنجي پٽ کان اڄ ڪا غلطي mistake)) ٿي آهي، جو اوهان ان کي نالي بدران اِبنِ اياز چئي پڪاريو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جن فرمايو: مان محمد جي نالي جي تَعظِيم خاطِر توهان جي پٽ جو نالو بي وضو نه ٿو وٺان ڇوته ان وَقت مان بي وضو هئس، ان ڪري لفظِ محمد کي وضو جي بغير زبان تي آڻڻ مُناسب نه سمجھيو۔( روحُ البيان،پ۲۲، الاحزاب، تحت الآيۃ: ۴۰،۷/۱۸۵مفهوماً)

لب پہ آ جاتا ہے جب نامِ جناب                                  منہ میں گُھل جاتا ہے شہدِ نایاب

وجد میں ہو کے ہم اے جاں بیتاب                           اپنے لب چُوم لیا کرتے ہیں

(حدائقِ  بخشش،ص۱۱۴)

مختصر وضاحت:اي منهنجا پيارا آقا صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نالو اسم گرامي (محمد صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)اسان جي چپن تي ايندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته ڪنهن خالص شهد(ماکي) اسان جي وات ۾ وجهي ڇڏي هجي انهيءَ خوشيءَ ۾ چپ پاڻ ۾ ملي ويندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي چمي وٺندا آهن.   

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد