Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

سَخت نفرت هئي۔

٭نالي مُحَمَّد جي بي اَدَبي ڪرڻ سان هر ڪنهن کي بچڻ کپي۔

الله تعاليٰ نالي مُحَمَّد جي صَدَقي ۽ طُفَيل اسان کي به ادب ۽ تَعظِيم جي لازَوال دَولَت نصيب فرمائي ۽ اسان کي ان مُقَدَّس نالي جون خوب خوب بَرَڪتون نصيب فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                           نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي جي رسالي 101 مدني گل صفحي نمبر27 تان سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي؛ ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“(اِث-مِد) آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ٿو ۽ پنڀڻ پيدا ڪندو آهي “۔۔( ابن ماجه،۴/ ۱۱۵ ،حديث :۳۴۹۷ )

٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل


 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵