Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

تي هن اي ميل ايڊريس (prayer@dawateislami.net) جي ذريعي رابطو ڪري سگهجي ٿو عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ مڪتب جي مخصوص وقت ۾ توقيت مڪتب ۾ ملاقات ڪري رهنمائي به وٺي سگهجي ٿي.

 اللہ کرم ایسا کرے تُجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مَچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جشنِ وِلادت جي باري ۾ مڪتوبِ عطَّار

اي جشنِ وِلادتِ مُصطَفٰي ملهائڻ وارؤ عاشقانِ رسول! صَفَرُ المُظَفَّر جو مُبَارَڪ مهينو پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن جاري آهي۔ پوءِ اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ رَبِيعُ الْاَوَّل جو پُرنُور مهينو پنهنجي شان ۽ شوڪت سان جَلوَه گَر ٿيندو هي اهو عَظِيمُ الشَّان مهينو آهي جنهن جو عاشقانِ رَسول يارهن (11) مهينا وڏي شِدَّت سان اِنتِظار ڪن ٿا، مَرحبا يا مُصطَفٰي جي گونج ۾ جُلوس ميلاد جون ڌومون مچائيندي، محفلِ نعت جو اِهتِمام ڪندا، صَدَقو ۽ خَيرات ڪندا، مدني پرچم۽ جھنڊيون لڳائيندا، چَراغان ڪندا ۽ ڌُوم ڌام سان جَشنِ وِلادَت جون خوشيون ملهائي پنهنجي عقيدت ۽ مَحَبَّت جو اِظهار ڪند آهن۔ پر ياد رهي! هر اَهم ڪم جا ڪجھ ضروري آداب هوندا آهن، اهڙي طرح جَشنِ عيد ميلادُ النَّبي مَلهائڻ جا به ڪجھ آداب آهن جن جو لحاظ رکڻ گهڻو ضروري آهي جيئن ته جشن ولادت جي موقعي تي گهٽي يا روڊ وغيره تي اهڙي طرح سَجاوٽ ڪرڻ جو جنهن سان گاڏي وارن ۽ پيدل هلڻ وارن کي تڪليف ٿئي، ناجائز آهي۔