Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي اڳوڻي زِندگي گُناهن ۾ گذري رهي هئي، لغڙن اڏائڻ جو به شوقين هو، ويڊيو گيمز ۽ بلورراند کيڏڻ وغيره ان جي عادت ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ ٽنگ اَڙائڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڦڏو ڪرڻ جهڙين بُرائين ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي هو رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي سٺا سٺا خواب نظر آيا ۽ گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تَحريڪ دعوتِ اسلامي جي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيا هئا جنهن کي سفيد لِباس ۽ ناسي چادرپاتل هئي، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي ۽ مٿي تي سائي رنگ جي عِمامي شريف جو تاج سجايل هو۔ اهڙو بارونق چهرو ان زِندگي ۾ پهرين ڀيري ڏٺي هو۔ مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به رکي ورتي آهي۔

 

بگڑے اَخْلاق سارے سَنْوَر جائیں گے،                            مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

جامِ عشقِ مُحمد بھی ہاتھ آئے گا،                                       مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

(وسائل بخشش مرمم،ص۶۴۰-۶۴۱)

مجلسِ تَوقيت