Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي ڪمزور ۽ ويجهي علائقن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي ٭اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ يوْمِ تَعْطِيل اِعْتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون،۽ آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون ٭يومِ تَعطِيل اِعْتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو ٭يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَـنْه ڪان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص ڪي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله عَزَّ وَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:

 

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)

 ترجموڪنز الايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رڪن ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن.(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،

مان لغڙن اڏائڻ جو شوقين هئس!