Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

آهي،پوءِ قيامت تائين جيڪو به مون تي درود پاڪ پڙهندو آهي ته اهو مون کي ان جو ۽ ان جي پيءُ جو نالو پيش ڪندو آهي، چوندو آهي فلاڻي پٽ فلاڻي جي توهان تي درود پاڪ پڙهيو آهي۔“ (مجمع الزوائد،ڪتاب الادعيۃ، باب فيما يستفتح به الدعاء…الخ،۱۰/۲۵۱،حديث:۱۷۲۹۱)

کَربَلا والوں کا صَدَقَہ یانبی!

دُور ہوں رَنج و اَلَم چَشمِ کرم

وِردِ لَب ہر دَم دُرُودِ پاک ہو

یا شَہِ عَرَب و عَجَم! چَشمِ کرم

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۵۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ ! دُرُود شريف پڙهڻ وارو ڪيتري قدر ڀاڳ وارو آهي جو ان جو نالو پيءُ جي نالي سميت بارگاهِه رسالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، هتي اهو مدني گل به نهايت ايمان وڌائڻ وارو آهي ته قبر مبارڪ تي حاضر ملائڪ کي ٻڌڻ جي قوت ايتري گهڻي ڏني وئي آهي جو هو دنيا جي هڪ هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ئي وقت ۾ درود شريف پڙهڻ وارن لکين مسلمانن جو نهايت آهسته آواز به ٻڌي وٺي ٿو ۽ ان کي علم غيب به عطا ڪيو ويو آهي جو هو درود پاڪ پڙهڻ وارن جا نالا بلڪ ان جي پيئرن جا نالا به ڄاڻي وٺي ٿو، جڏهن درٻار رسالت جي خادم جي سماعت (يعني ٻڌڻ) جي قوت ۽ علم غيب جو اهو حال آهي،ته مڪي مديني جي تاجدار، محبوب پروردگار صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اختيارات ۽ علم غيب جو ڇا شان هوندو؟ اُهي ڇو نه پنهنجي غلامن کي سڃاڻندا ۽ ڇو نه اُنهن جي فرياد ٻڌي باذن الله تعالي مدد فرمائيندا۔

فَریاد اُمَّتی جو کرے حالِ زار میں

 

ممکن نہیں کہ خَیْرِ بَشَر کو خَبَر نہ ہو

 (حدائق بخشش،ص۱۳۰)