Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

دعوتِ اسلامي جي تحت قائم دارُالاِفتا اَهلسُنَّت کان معلوم ڪريو۔

 مَحفوظ سَدا رکھنا شہا! بے اَدَبوں سے

اور مجھ سے بھی سَرْ زَد نہ کبھی بے اَدَبی ہو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل  (موڪل جي ڏينهن)اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اسان جا بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين ڪيتري قَدَر غَيرَت مَند هئا جو جڏهن اهي حضرات نالي ”مُحَمَّد“ جي بي اَدَبي ٿيندي ڏسندا هئا ته بي قَرار ٿي ويندا هئا ۽ ان جي ايماني غَيرت کي جوش اچي ويندو هو تنهنڪري اهي حضرات هٿو هٿ بي اَدَبي ڪرڻ واري جي اِصلاح (Reformation) ڪندا هئا۔ اي ڪاش ته اسان کي به انهن بُزرگن جو صَدَقو نصيب ٿئي ۽ اسان به انهن جي تعليمات تي عمل ڪندي نالي ”مُحَمَّد“ جو ادب ڪرڻ وارا ۽ ان پاڪيزه مُبَارَڪ نالي جي بي اَدَبي ٿيندي ڏسي هٿو هٿ بي اَدَبي ڪرڻ واري جي اِصلاح ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اڄ جي هن نازڪ دور ۾ دعوتِ اسلامي مسلمانن جي اندر بُزرگن جي ان مَدَني سوچ کي پيدا ڪرڻ لاءِ،اُنهن کي نالي ”مُحَمَّد“ جو ادب ڪرڻ ۽ نالي ”مُحَمَّد“ جي بي اَدَبي ڪرڻ وارن جي اِصلاح ڪرڻ جو ذِهن ڏيڻ جي لاءِ هر دم ڪوشش ڪري پئي تنهنڪري اوهان به مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ ادب ۽ تَعْظِيم جو پيڪر بڻجڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔