Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

مفتي اعظم اصلاح ڪئي

          سراجُ العارفين حضرت علامه مولانا غلامِ آسي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا؛ مون پنهنجي نالي جي شروع ۾ برڪت جي لاءِ لفظ ”محمد“ شامل ڪري ڇڏيو هو۔ ان تي شهزادهءِ اعليٰ حضرت مفتي اعظم مولانا مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه تنبيھ فرمائي جو اتي اسمِ رسالت (يعني محمد) نه هجڻ گھرجي۔ مون فورًا عرض ڪيو ته حضور پوءِ ”محمد عبدُالحيّ“ جو ڇا حڪم آهي؟ ان جي جواب ۾ حضرت فرمايو؛ ڪٿي عبدالحي ۽ ڪٿي غلامِ آسي؟ علامه (غلامِ آسي رحمة الله ) فرمائن ٿا؛ ”اهو جواب ٻڌي مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ حضرت جي تَفَقُّه في الدّين (دين جي سمجهه) جي عظمت دل ۾ چڱي طرح ويهي وئي۔“

حضور مفتئ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي ارشاد سان اها رهنمائي فرمائي آهي جو جنهن نالي جي شروع ۾ لفظ ”محمد“ آندو وڃي، جيڪڏهن انهي نالي جو اطلاق لفظ ”محمد“ تي درست هجي ته اتي لفظ ”محمد“ شروع ۾ آڻڻ درست ٿيندو (جيئن محمد صادق) ۽ جيڪڏهن انهي نالي جو اطلاق لفظ ”محمد“ تي درست نه هجي ته اتي لفظ ”محمد“ شروع ۾ آڻڻ درست نه ٿيندو (جيئن محمد غلام حسين)۔ حضور رحمت عالم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عبدُالحيّ آهن تنهن ڪري محمد عبدُالحيّ چوڻ درست آهي پر غلامِ آسي نه آهن ان ڪري ”محمد غلامِ آسي (يعني ”آسي“ جو غلام)“ چوڻ نامناسب آهي۔ (جهانِ مفتي اعظم ،ص۴۵۱،بتغير قليل)

ان جي عِلاوه به ڪجهه اهڙا نالا آهن جو جن کان اڳ ۾ نالي مُحَمَّد جو اِطلاق دُرُست ناهي هوندو مثال طور عَبدُالمُصطَفٰي، غُلامِ غَوث، غُلامِ جِيلاني، عُبَيدِ رَضا وغيره پر ڪڏهن ڪڏهن هنن نالن کان به اڳ ۾ مُحَمَّد لکيو ويندو آهي البت اها ڳالھ به ذِهن نشين رکو ته نالي مُحَمَّد جو اِطلاق ڪهڙي نالي تي دُرُست آهي ۽ ڪهڙي نالي تي نه ان جو تَعَين ڪرڻ جي هر ڪنهن کي اِجازت ناهي! تنهنڪري ان جي لاءِ ڪنهن مُستَنَد سُنّي عالِمِ دِين يا