Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

حُصُولِ بَرَڪت جي لاءِ نالي ”مُحَمَّد“ بابت ڪجھ اِيمان اَفروز مَدَني گل مُلاحَظَه ڪريو جيئن

لفظ ِ’’مُحَمَّد ‘‘ جي باري ۾ اِيمان اَفروز مَدَني گل

مشهور مُفَسِّرِ قُرآن،حڪيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه تفسيرِ نعيمي ۾ فرمائن ٿا ته لفظِ ”مُحَمَّد“ جي معنيٰ آهي؛ هر طرح تعريف ڪيل، هروقت، هرزماني، هر زبان ۾ حمد ۽ ثناء ڪيل۔ حقيقت هي آهي ته جيئن حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سموري مخلوق ۾ افضل، سڀني رسولن جا سردار آهن اهڙي طرح حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اسم شريف به سڀني نبين جي نالن جو سردار آهي۔ هن پاڪ نالي جا بيشمار فضائل آهن جن مان ڪجھ هي آهن؛

 (1) سڀني جا نالا ان جا ماءُ پيءُ رکندا آهن لقب قوم ڏيندي آهي خطاب حڪومت کان ملندو آهي، پر حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو نالو، لقب ۽ خطاب سڀ الله عَزَّوَجَلّ جي طرفان آهن جو عبدالمطلب (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَـنْهُ) ملائڪ جي بشارت سان اهو نالو رکيو۔ (2) ٻين جا نالا پيدائش جي ستين ڏينهن رکيا ويندا آهن پر حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو پاڪ نالو جهان جي پيدائش کان پهريان عرش اعظم تي لکيو ويو هو ۽ حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ السَّلَام حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت باسعادت کان تقريبًا 600 سال پهريان پنهنجي قوم کي فرمايو؛ اِسۡمُهٗ اَحۡمَد انهن جو نالو پاڪ احمد آهي، گذريل قومون سندن پاڪ نالي جي برڪت سان دعا گھرنديون هيون۔ (3) حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نالو ”محمد“ وڏو جامع آهي، جنهن ۾ حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا بيشمار فضائل بيان ٿي ويا آهن، آدم جي معنيٰ آهي مٽي مان پيدا ٿيڻ وارا، ابراهيم جي معنيٰ آهي ”مهربان پيءُ، نُوح جي معنيٰ آهي ”خوف خدا وچان گريه و زاري ۽ نوحو ڪرڻ وارا“ انهن سڀني نالن ۾ هڪ