Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

جو به اهو ئي مَعمول رهيو آهي ته هو بَرَڪت جي لاءِ پنهنجن ٻارن جا نالا مُحَمَّد ۽ ادب خاطر پُڪارڻ جي لاءِ ڪو ٻيو نالو سوچيندا هئا جيئن

اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جو طريقيڪار

    اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مَوْلانا شاھ اِمام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجن سڀني پٽن ڀائيٽن جو عقيقي ۾ نالو صرف محمد رکيو پوءِ نالي پاڪ جي آداب جي حفاظت ۽ پاڻ ۾ سڃاڻپ جي لاءِ عُرفن نالا جدا مقرر ڪيا۔                                                                (فتاويٰ رضويه ،۲۴/۶۸۹ملخصاً)

عاشقِ اعليٰ حضرت جي ادا

اهڙي طرح جڏهن عاشقِ اعليٰ حضرت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جن جي خدمت ۾ ڪنهن جي نالي رکڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي ته عام طور تي پاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ان ٻار جو نالو؛ محمد ۽ پڪارڻ جي لاءِ عرفن مثال طور؛ رَجب رضا رکندا آهن۔ نالي سان گڏوگڏ رضا جو اضافو، امام اهلسنّت مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن جي نسبت relation سان ڪندا آهن۔

اپنے رَضا کے قُربان جاؤں                                                                                 جس نے سِکھایا نامِ مُحمد

آنکھوں میں آکر دِل میں سَماکر                                       رَنگت رَچا جا نامِ مُحمد

اپنے جَمِیْلِ رَضَوِی کے دِل میں                                      آجا سَما جا نامِ مُحمد

(قبالۂ بخشش،ص۷۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ عالِم سڳورن پنهنجن ڪتابن ۾ به نالي ”مُحَمَّد“ جي باري ۾ نِهايت دِلچسپ مَدَني گل بيان ڪيا آهن۔ اچو!