Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

جو اهو هٿيار آهي جيڪو مسلمانن کي پاڻ ۾ ڳچين ۾ هٿ وجهرائي، لڙائي، جھيڙو ڪرائي چين ۽ سڪون جي بردبادي جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ اها ڳالھ سٺي طرح ذِهن ۾ رکو ته ڪنهن شخص، هنڌ، شيء يا وَقت کي منحوس سمجھڻ جو اسلام ۾ ڪو تصوُّر ناهي اهي رڳو وهمي خيال هوندا آهن۔

منهنجي آقا اعليٰ حضرت،امامِ اهلِسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان اهڙي قسم جو سوال ڪيو ويو ته هڪ شخص جي باري ۾ هي مشهور آهي، جيڪڏهن صبح جو ان جي منحوس صورت ڏسڻ اچي وڃي يا ڪنهن ڪم سان ويندي اهو سامهون اچي وڃي ته ضرور ڪجھ نه ڪجھ تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي ۽ چاهي ڪيترو ئي يقيني طور تي ڪم ٿيڻ جو اعتماد ۽ ڀروسو هجي پر انهن جو خيال آهي ته ڪا نه ڪا ضرور رڪاوٽ ۽ پريشاني ٿيندي۔ اهڙي طرح انهن ماڻهن کي انهن جي خيال مطابق هر دفعي تجربو (Experience) ٿيندو رهيو آهي ۽ اهي ماڻهو برابر ان ڳالھ جو خيال رکندا آهن ته جيڪڏهن ڪيڏانهن ويندي اهو سامهون اچي وڃي ته واپس پنهنجي گھر موٽي ايندا آهن ۽ ٿوري دير کان پوءِ اهو معلوم ڪندا آهن ته اهو منحوس ڪٿي رستي تي اڃان بيٺو ته نه آهي! پوءِ پنهنجي ڪم لاءِ ويندا آهن۔ هاڻي سوال هي آهي ته انهن ماڻهن جو اهو عقيدو ۽ انداز ڪيئن آهي؟ ڪا شرعي قباحت ته ناهي؟

     اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جواب ڏنو: شريعت مطهّره (پاڪيزه شريعت)۾ان جي ڪابه حقيقت ناهي، ماڻهن جو وهم اڳيان ايندو آهي، شريعت ۾حڪم آهي: اِذَا تَطَیَّرْتُمْ فَامْضُوْا يعني جڏهن ڪو بروگمان اچي ته ان تي عمل نه ڪيو۔ اهو هندوئن جو طريقو آهي،مسلمانن کي گھرجي ته اهڙي موقعي تياَللّٰہُمَّ لَاطَیْرَ اِلَّا طَیْرُکَ، وَلَا خَیْرَ اِلَّا خَیْرُکَ، وَلَااِلٰہَ غَیْرُکَ ([1])پڙهي، پنهنجي ربّ (عَزَّوَجَلَّ) تي ڀروسو ڪري، پنهنجي ڪم



[1]  ترجمو؛ اي الله! ناهي ڪا برائي پر تنهنجي طرفان ۽ ناهي ڪا ڀلائي پر تنهنجي طرفان ۽ توکان سواءِ ڪو معبود ناهي