Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

بادشاھ جي تعريف ڪري رهيا هئا، جڏهن شام ٿي بادشاھ شهر جي ويجھو پهتو ته ان شخص کي رسين سان ٻڌل ڏٺائين۔ بادشاھ جي سواري سان گڏوگڏ جانورن

۽ پکين سان ڀريل ڇڪڙو به پٺيان هلي رهيو هو، جنهن کي ڏسي بادشاھ ۽ ان جا ساٿي خوشي ۾ نه پي ماپيا۔ ڀريل ڇڪڙو ڏسي اهو شخص ڏاڍيان بادشاھ سان مخاطب ٿيو: ڏيو خبر بادشاھ سلامت! اسان ٻنهي مان ڪير منحوس آهي، مان يا اوهان؟ اهو ٻڌندي ئي بادشاھ جا سپاهي ان شخص تي تلوار تاڻي بيهي رهيا پر بادشاھ انهن کي هٿ جي اشاري سان روڪي ڇڏيو۔ اهو شخص بنا ڪنهن خوف جي وري مخاطب ٿيو: ڏيو خبر بادشاھ سلامت! اسان مان ڪير منحوس آهي ”مان يا اوهان؟“ مون توهان کي ڏٺو ته مان رسين سان ٻڌل سڄو ڏينهن اُس ۾ سڙندو رهيس جڏهن ته مون کي ڏسڻ سان اوهان کي تمام گھڻو شڪار حاصل ٿيو آهي۔ اهو ٻڌي بادشاھ شرمسار ٿيو ۽ ان شخص کي جلدي آزاد ڪري، تمام گھڻي انعام ۽ اڪرام سان به نوازيائين۔    (بدشگوني ،ص۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته وهمي بادشاھ ته هڪ اک واري شخص کي منحوس سمجھي ان کي سخت اُس ۾ سڄو ڏينهن قيد رکڻ جي سزا ڏني پر پوءِ به ان کي شڪار ۾ اڳ کان تمام وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي۔ هن حڪايت مان ته انهن جي وهم جي مڪمل ڪاٽ ٿي وئي جيڪو ڪنهن انسان، جانور يا ڪنهن ڏينهن مهيني کي صرف پنهنجي وهم جي بنياد تي منحوس خيال ڪن ٿا جڏهن ته شريعت ۾ ان جي ڪا حقيقت ناهي۔ ياد رکو! جيڪو شخص وهم جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته ان کي هر شيء منحوس محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ايستائين جو وهمي شخص ڪم عقل ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي غلط فيصلو ڪري نه صرف پاڻ آزمائش ۾ مبتلا ٿيندو آهي بلڪ ٻين ماڻهن جي لاءِ به جان جو وبال بڻجي ويندو آهي۔ ڪنهن مسلمان جي مَنحوس هئڻ جو خيال نفرت جي وبال ۾ وجھي سگھي ٿو۔ مَنحوس هئڻ جو وهم شيطان(Shaytan)