Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

گھڙي منحوس ناهي، باقي ڪي ڏينهن برڪت ڀريا آهن۔ (مرآۃ المناجيح ،۵/۴۸۴)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ صفر المظفر به ٻين مهينن وانگر هڪ بابرڪت مهينو آهي۔ جهڙي نموني ٻين مهينن ۾ رب عَزَّ وَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم جون بارشون ٿينديون آهن اهڙي طرح هن ۾ به ٿي سگھن ٿيون بلڪ ان کي ته صَفَرُ الْمُظَفَّر يعني ڪاميابي وارو مهينو چيو ويندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ معزز مهيني ۾ حضرت سيدُنا علي المرتضيکرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم ۽ خاتونِ جنت حضرتِ سَيدَتُنا فاطمه زهرهرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها جي شادي خانه آبادي ٿي۔ (الڪامل في التاريخ ، ۲/۱۲) ٭ صفر المظفر ۾ مسلمانن کي فتحِ خيبر نصيب ٿي۔ (البدايۃ والنهايۃ،۳/۳۹۲) ٭سيفُ الله حضرتِ سيدُنا خالد بن وليد،حضرتِ سيدُنا عمرو بن عاص ۽ حضرتِ سيدُنا عثمان بن طلحه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم صفر المظفر اٺين هجري ۾ بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو۔ (الڪامل في التاريخ، ۲/۱۰۹) ٭ مدائن (جنهن ۾ ڪسريٰ جو محل هو) جي فتح صفر المظفر سورهين هجري جي مهيني ۾ ٿي۔         (الڪامل في التاريخ ،۲ /۳۵۷)

پر افسوس ته جيئن ئي صفرالمظفر جي پُر بهار ۽ بابرڪت مهيني جي آمد ٿيندي آهي ته نُحُوست جي وهمي تصورن جي شڪار ڪجهه نادانن طرفان هن پاڪيزه مهيني بابت طرح طرح جي غلط فهمين تي مشتمل پيغام ڦهلايا ويندا آهن ۽ هن مهيني (Month) کي انتهائي منحوس تصور ڪيو ويندو آهي ته هن مهيني ۾ آفتون ۽ بلائون نازل ٿينديون آهن، تنهنڪري ڪابلي چڻن جي نياز ڏياري ويندي آهي يا وري اٽي جا ڳوڙها ٺاهي سمنڊ ۾ ٻوڙيا ويندا آهن، خاص ڪري هن مهيني جي آخري اربع کي گھڻو وڌيڪ منحوس تصور ڪيو ويندو آهي۔ اچو! هن مهيني جي باري ۾ڪجهه غلط فهمين بابت ٻڌون ٿا،

حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: