Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
آهي ته اسان جي معاشري ۾ تنگدستي، فقر ۽ فاقه ڪشي (بُک)، بي روزگاري ۽ رزق ۾ بي برڪتي بابت ڳالهيون گھڻيون ڪيون وينديون آهن، پر قرآن و حديث ۽ بزرگانِ دين جي اقوال ۾، جيڪي رزق ۾ بي برڪتي جا سبب بيان ڪيا ويا آهن انهن جي باري ۾ سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ ۽ انهن سببن کي پري ڪرڻ جي عملي ڪوشش ناهي ڪئي ويندي، اڄ جي هن اجتماع ۾ اسان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رزق ۾ تنگي جي سببن بابت ٻڌنداسين ته جيئن بي برڪتي جي انهن سببن کي پري ڪري اسان هن پريشاني کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي سگھون۔ اچو سڀ کان پهريان رزق ۾ خير و برڪت جي باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا ۽ ان مان مدني گل حاصل ڪيون ٿا:
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 1548 صفحن تي مشتمل ڪتاب فيضانِ سُنّت جي جلد اَوّل جي صفحي نمبر 263 تي آهي: زبردست محدّث حضرت سيّدنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه کي بغداد جي خليفي مامون رشيد پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو، کاڌي جي آخر ۾ کاڌي جا جيڪي ذرا وغيره ڪِري پيا هئا، اهي محدّث حضرتِ سيّدنا هُدۡبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چونڊي چونڊي ڪري کائڻ لڳا،خليفه بغداد مامون رشيد حيران ٿي ڪري چيو، اي شيخ! ڇا توهان جو اڃا تائين پيٽ ناهي ڀريو؟ فرمايائون ڇو نه! دراصل ڳالهه هي آهي جو مون کي حضرت سيّدُنا حمّاد بن سلمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْه هڪ حديث بيان فرمائي آهي ته ”جيڪو شخص دسترخوان تي ڪِريل ذرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائيندو اهو تنگدستي کان بي خوف ٿي ويندو.“ (اتحاف السادۃالمتقین،الباب الاول،۵/۵۹۷) مان انهيءَ حديثِ پاڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان، اهو ٻُڌي ڪري مامون بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي هڪ خادم ڏانهن اشارو ڪيائين ته هو هڪ هزار دينار رومال ۾ ٻَڌي