Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ   يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.

                       (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)  

 ٻه مدني گُل: 1   بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

       2    جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

٭ نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس ٭ ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري تي غور ڪيون ته اسان کي هن ڳالھ جو چڱي طرح اندازو ٿيندو ته اسان جي معاشري جو تقريباً هر فرد ئي ڪنهن نه ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار آهي ڪو قرضدار آهي ته ڪو گھريلو ناچاقين جو شڪار، ڪو تنگدست آهي ته ڪو بي رُوزگار، ڪو اَولاد جو طلبگار آهي ته ڪو نافرمان اَولاد جي ڪري بيزار، مطلب هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن مصيبت ۽ پريشاني ۾ گرفتار آهي، مصيبتن جي هن