Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

غم کے بادل چَھٹیں خُوب خُوشیاں ملیں                 دل کی کلیاں کِھلیں قافلے میں چلو

مال چوری ہوا یا کہیں گُم گیا                              خیر ہوگی سُنیں قافلے میں چلو

تنگدستی مٹے دُور آفت ہٹے                               لینے کو برکتیں قافلے میں چلو

وسائل بخشش مُرمّم ، ص۶۶۹تا ۶۷۲

 

    دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو۔ اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

مون ويڊيو سينٽر ڇو بند ڪيو؟

    لانڊي (باب المدينه، ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: اسان جي علائقي ۾ هڪ ويڊيو سينٽر جي ٻاهران دعوتِ اسلامي سان وابسته اسلامي ڀاء اُمّت جي اصلاح جي تڙپ ۾ گرمي جي موسم جي  تپش ۽ سياري جي موسم جي ٿڌ جي  شِدّت جي پروا ڪرڻ جي  بغير مُستَقِل مِزاجي سان چوڪ درس ڏيندو هو۔ اسلامي ڀاء ان ويڊيو سينٽر جي مالڪ کي به درس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو رهيو پر هو روزانو مصروفيت جو چئي معذرت ڪندو هئس آخرڪار هڪ ڏينهن چوڪ درس ۾ شرڪت ڪري ورتي۔ جڏهن مبلغِ دعوتِ اسلامي درس شروع ڪيو ته خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي سان ڀرپور لفظ تاثير جو تير بڻجي ان جي دل تي اثر ڪيو۔ دل ۽ دماغ تي ڇانيل غفلت جا پردا هٽجي ويا۔ ان تي چوڪ درس جي برڪت سان فڪرِ آخرت غالب اچي وئي۔ جڏهن مبلغِ دعوتِ اسلامي انفرادي ڪوشش ڪندي ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جي دعوت پيش ڪئي ته هڪدم راضي ٿي ويو ۽ ائين هو هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ٻين مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٿوري ئي عرصي ۾ ان ۾ مُثبت