Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدني قافلو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪين ۾ دل لڳائڻ، گُناهن کان پاڻ کي بچائڻ، تنگدستي جي آفت مان جند ڇڏائڻ ۽ دُنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلائيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ گڏوگڏ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حصّو وٺو. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان مهيني وار هڪ مدني ڪم، سنتن جي تربيت جي لاءِ راھ خُدا ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقِانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ به آهي۔ اَحاديثِ مُبارَڪه ۾ مختلف هنڌن تي راھ خُدا ۾ سفر جون فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن جيئن ته ٻنهي جھان جي تاجْوَر، سلطانِ بَحرو بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرْشادفرمايو: جنهن شخص جا پير راھ خُدا ۾ مٽي هاڻا ٿين انهن کي جهنّم جي باھ مس نه ڪندي۔ (بخاری ،کتاب الجہاد والسیر، با ب من اغبر ت قد ماہ…الخ ،۲/ ۲۵۷، حدیث:۲۸۱۱) تنهنڪري اسان تمام اسلامي ڀائر به راھ خدا عَزَّوَجَلَّ ۾ سفر ڪرڻ جي انهن فضيلتن کي حاصل ڪرڻ ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻائڻ گهرجي  مدني قافلن سفر ڪرن سان ڇا ڇا حاصل ٿيندو اچو اشعار جي صورت ۾ ٻڌون ٿا جيئن ته اميرِ اهلِ سُنت فرمائن ٿا 

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                            سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

قرض ہوگا اَدا آکے مانگو دُعا                              پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو

دُکھ کا دَرماں ملے آئیں گے دن بھلے                       ختم ہوں گردشیں قافلے میں چلو