Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab
(1) ارشاد فرمايو: جيڪا قوم زڪوٰة نه ڏيندي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ڏڪار ۾ مبتلا فرمائيندو. (معجم الاوسط ، ۳/۲۷۵، حدیث: ۴۵۷۷)
(2) ارشاد فرمايو: خشڪي ۽ تري ۾ جيڪو مال تلف (يعني ضائع) ٿيندو آهي اهو زڪوٰة نه ڏيڻ جي وجه سان تلف ٿيندو آهي.
(کنزالعمال،کتاب الزکوۃ،قسم الاقوال، الفصل الثانی فی ترہیب مانع الزکوۃ،جز ۶، ۳/۱۳۱، حدیث:۱۵۸۰۳)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
رسالو ”تنگدستي جا سبب ۽ ان جو حل“ جو تعارف
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان واقعي معاشي پريشانين ۽ رزق جي تنگين مان نجات حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گھرجي ته رزق ۾ تنگي جي سببن جي معلومات حاصل ڪيون ۽ ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪيون، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مسلمانن جي خير خواهي جي جذبي تحت دعوتِ اسلامي جي مجلس المدينةُ العلميه جي طرفان رزق ۾ تنگي جي سببن ۽ علاج تي مشتمل نهايت مختصر ۽ تمام مفيد رسالو ”تنگدستي جا سبب ۽ ان جو حل“ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ تنگدستي جا سبب، تجارتي معاملن ۾ قَسَم جو وبال، راشن ۾ بي برڪتي جو سبب، تنگدستي کان نجات ۽ رزق ۾ خير و برڪت حاصل ڪرڻ جي باري ۾نهايت مُفيد معلومات بيان ڪئي وئي آهي، تمام اسلامي ڀائرن سان مدني التجاء آهي ته هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هديةً حاصل ڪري نه صرف پاڻ ان جو مطالعو ڪن بلڪ توفيق مطابق ٻين اسلامي ڀائرن ۾ به ثواب جي نيت سان ورهائي ان جي مطالعي جي ترغيب ڏيارين، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شعبي تراجم جي ڪوششن سان هن رسالي جو انگلش، هندي ۽ ملائي زبان ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي، دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ(يعني پڙھي) به سگھجي